فريدآباد ( ن ع آ )ڳوٺ ڇٽو ميرواڻي جي چانڊيا برادري ۾ پراڻو ھلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو ـ جڏهن ته ھڪ ڌر قربان چانڊيو ـ مصري چانڊيو عنايت چانڊيو عرض محمد چانڊيو ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ فريدآباد پل تي احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھنيو ويو ـ جوابدار مجيد چانڊيو راحب چانڊيو منظور چانڊيو اصغر چانڊيو وزير چانڊيو خلاف سخت نعريبازي ڪئي ـ ھنن چيو ته جوابدار بااثر روپوش ڏوھاري قسم جا آهن ـ مخالف ھٿيار کڻي سرعام گھرن ۾ اچي فائرنگ ڪن ٿا ـ گھرن ۾ عورتن مردن ٻارڙن کي ھٿيارن جي زور تي حراسان ڪيو وڃي ٿو ـ ھنن چيو ته جوابدار سرعام ھٿيار کڻي سرعام گھمي رھيا آهن ـ مخالف ھٿيارن سان شھر ۾ گھمي رھيا آهن ـ ھنن آء جي سنڌ ـ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته جوبدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ـ اسان کي مخالفن کان خطرو آهي ڪجهه به ٿيو ته ان جا زميوارمخالف جوابدار آهن ـ