حيدرآباد ۾ واپاري کان ڦر ڪوشش، مزاحمت تي زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ بدامني ۾ وڌي وئي آهي. عيد ويجهو ايندئي ئي شهر ۾ ٻيهر ڦرلٽ جي واقعن ۾ تيزي اچي وئي آهي,قاسم  آباد جي علمدار چوڪ وٽ بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي گهر ويندڙ واپاري تي ڦورن ڪار ۾ حملو ڪري سندس ڳلو ڪپڻ جي ڪوشش ڪندي زخمي ڪري وڌو. ٻڌايو پيو وڃي ته اڻڄاتل ڦورن واڻڪي وسي واري علائقي جي واپاري ديا رام پٽ چيلا رام جي بنا لاڪ بيٺل گاڏي ۾ سوار ٿي سندس انتظار ڪيو ۽ جيئن هو واپس پنهنجي گاڏي ۾ ويٺو ته جوابدارن مٿس حملو ڪري ڇرين سان ڳلو ڪپڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. جنهن تي واپاري دانهون ڪيون ته ڦورو فرار ٿي ويا . ۽ هو زخمي حالت ۾ پاڻ گاڏي هلائي سول اسپتال پهتو. ڀٽائي نگر جو چوڻ آهي ته علائقي واسين کين ڄاڻ ڏني ته اي ٽي ايم مان رقم ڪڍرائڻ لاءِ ويل واپاري گاڏي لاڪ نه ڪئي هئي جنهن ڪري ڦورو سندس گاڏي جي پوئين سيٽ تي اڳ ۾ ئي سوار ٿي ويا هئا. پوليس موجب واپاري کان ڦورن رقم ناهي ڦر ڪئي رڳو کيس زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.