سائين جي ايم سيد جي سڀاڻي 27 هين ورسي سڀاڻي، سن سينگارڻ شروع

مانجهند( رپورٽ:  بابو عمراڻي) سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 27 هين ورسي 25 اپريل تي رمضان شريف جي مهيني سبب  سادگي  سان ملهائي ويندي جسقم (بشير گروپ ) طرفان  چئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾َ جلسو منعقد ڪيو ويندو جڏھن ت ايس يو پي طرفان پارٽي سربراه  سيد جلال محمود شاه صدر سيد زين شاه روشن علي ٻرڙو  جي اڳواڻي ۾ اڄ شام ستين بجي صوفي راڳ رنگ جي محفل ڪرائي ويندي جڏھن ت قيادت ڪارڪنن سان گڏ  سائين جي ايم سيد جي مزار تي پڻ حاضري ڀريندي ھوڏانهن جيئي سنڌ تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري موجب جيئي سنڌ محاذ سرور سهتو گروپ جي صوفي حضور بخش علي نواز ٻٽ جست جي شبير جمالي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي بواز خان زئنور محمد علي خشڪ  جسقم آريسر گروپ جي ارباب ڀيل سرمد ميراڻي  جسقپ جي سوڀ قمر ڀٽي دودو ديشي   سان رابطو ڪيو آھي سڀني جماعتن جي اڳواڻن اتفاق ڪيو آھي ت 25 اپريل تي سن جي مکيه چوڪ تي گڏ ٿي  2 بجي منجهند سيد جي مزار تي گڏيل طور حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي ترانو پڙھيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.