سيوھڻ مان شهري کان سوا 2 لک ڦر، مزاحمت تي هڪ ڦورو سوگهو

سيوھڻ(ن ع آ) ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل تي سوار 3 ڦٿياربند ڦورن سيوھڻ جي پراڻي مڇي مارڪيٽ بازار ڀرسان مشھور واپاري ۽ سياسي  سماجي اڳواڻ منظور احمد سومرو جي مئنيجر محمد صالح چنا کان ھٿيارن جي زور تي 2 لک 25 ھزار ڪيش رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿيا ته شھري صالح چنا جي دانھن تي آس پاس ۾ موجود دڪاندارن ۽ شھرين بروقت پھچي ھڪ ڦورو کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته 2 نامعلوم ڦورو ڦر ڪيل رقم سميت فرار ٿي ويا. ٻئي طرف پوليس شھرين پاران سوگھو ڪيل ڦورو جي نشاندهي تي سيوھڻ جي مختلف رستن روڊن جي ناڪابندي ڪري اصل ڏوھارين جي گرفتاري لاء ڇاپا  ڳولا ھڻي رھي آهي, جڏهن ته پوليس واران گرفتار ڪيل ڦورو جي نالو راز ۾ رکيو ويو آهي. ٻئي طرف سيوھڻ شھر ۾ بدامني جي لھر ۾ اضافو اچڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.