سلطانپور ويجهو جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي، احتجاج

سلطانپور (ن ع آ) سلطانپور ويجهو ڳوٺ الاهي بخش ۾ زمين جي مالڪي تان ڪٽا ۽ منگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي  پيو، جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب مينهل ڪٽو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث سلطانپور ٿاڻي تي کڻي آيا پوليس ليٽر ملڻ بعد زخمي کي تعلقه اسپتال پنوعاقل داخل ڪيو ويو، جتي زخمي جي وارثن ڪٽا برادري چيو ته منگي برادري جي بااثر جوابدارن پاران زمين تي زبردستي قبضي توڙي حملي خلاف احتجاج ڪيو ڪٽا برادري جي ماڻهن الله بخش ،خاوند بخش محمد مينهل ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ خالد واري کوھ  ۾ اسان جي ذاتي کاتي واري زمين آهي جنهن تي منگي برادري جي بااثر ماڻهو زبردستي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هنن الزام هنيو ته اڄ صبح جو زمين ۾ هر ڪاهڻ لاءِ وياسين ته جوابدار مير حسن منگي ، حاجي انور علي منگي، شبير منگي ، ۽ ٻين ٽيھ کان وڌيڪ هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جوابدارن ناحق ڪندي اسان جي ماڻهن مٿان تشدد ڪيو جنهن سبب مينهل ڪٽو ۽حاڪم ڪٽو زخمي ٿي پيو آهي،  اسين شريف ماڻهو آهيون جوابدار بااثر ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن، جن مان اسان کي خطرو آهي، هنن چيو ته پوليس کي به اطلاع ڪيو آهي پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، ڳوٺاڻن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل صحافي مير حسن منگي ٻڌايو ته منهنجي قبولي زمين آهي جنهن تي ڪٽا برادري جا بااثر ماڻهو قبضو ڪرڻ چاهين ٿا اسان مٿان حملي جا لڳايل سمورا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن منهنجي کاتي واري قبولي زمين آهي انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪينٽ منظور عالم ابڙو ٻڌايو ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ رتو ڇاڻ کان ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ واقعي جي پڻ ڪينٽ ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .

  • ڪنڌرا ۾ زال کي قتل ڪرڻ  جي الزام هيٺ آيل جوابدار پيءُ سميت گرفتار

سکر (رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) ڪنڌرا ٿاڻي جي حد مان 2 ڏينهن اڳ مڙس ھٿان قتل ٿيل حنا ناڙيوال جي پيءُ محرم علي ناڙيوال سندس ڌيءَ حنا عمر اٽڪل 18/19 سال  جي قتل جي ايف آي آر سندس مڙس فائق ۽ سهري علي حسن ناڙيوال تي ڪيس گناهه نمبر 52/2022 قلم 302 ,114,34 پپڪ داخل ڪرائي ، جنهن کانپوءِ ايس ايس پي سکر جي هدايت تي پوليس بروقت ڪاروائي ڪندي 24 ڪلاڪن اندر ڪيس ۾ گهربل ٻنهي مک جوابدار (پي۽ پٽ) فائق ۽ علي حسن ناڙيوال کي ڏوهه ۾ استعمال ٿيندڙ ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري جوبدارن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جتان جيل ڪسٽڊي ريمانڊ جي آرڊر ملڻ بعد جوابدارن کي سينٽرل جيل سکر پھچايو ويو آهي.

  • زرقاشر جي گهر اڳيان موٽر سائيڪل چوري خلاف خيرپور ۾ احتجاج

خيرپور( ڊ ر )ڏهرڪي شهر مان هاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ مانڌل خان شر جي ڌيءَ ۽ هاري ڪميٽي سينٽرل جي ميمبر زرقه شر  جنهن جي گھر جي دروازي تي بيٺل  موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ واري عمل خلاف هاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر مير منور ٽالپر جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان پوءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ڏهرڪي پوليس خلاف پڻ نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي هاري ڪميٽي جي مرڪزي صد مير منور علي ٽالپور چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ ڪامريڊ مانڌل خان شهر جي نياڻي جي گھر جي اڳيان موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي آهي ۽ ڏهرڪي ٿاڻي جو ايس ايڇ او کيس ڪوڙا دلاسا ڏئي رهيو آهي ته موٽرسائيڪل واپس ٿا ڪرايون پر هو موٽرسائيڪل واپس نه ٿو ڪرائي ڏئي ۽ نه واري ٿاڻي تي ڪيس ٿو داخل ڪري هنن ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي  گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته ٻن ڏينهن اندر جيڪڏهن موٽرسائيڪل واپس نه ڪرائي ته هاري ڪميٽي جا اڳواڻ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائيندا جنهن جي زميواري ايس ايس پي گھوٽڪي تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.