چمبڙ ۾ پاڻي کوٽ، آبادگارن جو زنجيرون ٻڌي ٿاڻي آڏو ڌرڻو

چمبڙ (رپورٽ:پرڪاش ڪمار)چمبڙ ، خدرا پاڻي ڏيو، ، پاڻي ڏيو، چمبڙ م چاڪر شاخ جي پچڙي جي سوين آبادگارن پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف   رمضان شريف جي ڀلاري مھيني م معصوم ٻارن سان گڏجي زنجيرن جو ماتم   ڪري  اريگيشن عملي خلاف سخت نعريبازي چمبڙ ٿاڻي آڏو ٻن ڪلاڪن تاۂين ڌرڻو ھنيو ويو ان ڏس م چاڪر  شاخ ٽيل پڇڙي جي  آبادگارن،  امداد رند، ياسين رند، انور رند، حاجي ڪرم رند، دلشاد رند، ۽ ٻين  جي اڳواڻي م چمبڙ جي چاڪر شاخ م پاڻي کوٽ خلاف چمبڙ ۾ ايگريشين عملي جي  خلاف سخت نعريبازي ڪۂي پاڻي ناھي آھي ڇو بلا ڪر بلا ڪر بلا جا نعرا ھڻندي رھيا ء اگر پاڻي نہ پھتو تہ عيد  جي ڏينھن اسان پنھنجو پاڻ ساڙيندسين چتاء ان موقعي تہ آبادگارن  ميڊيا سان ڳالھيندي چيو گذزيل 6 مھينن کان پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي جو ھڪ بہ ڦڙو بي ناھي ڏينو ويو جنھن سبب اسان جي زميون بنجر بڻجي وۂي آھي ء  ماڻھون تہ ماڻھون اسان وٺ مال جي پيڻ جو پاڻي بہ نہ آھي اسان جي علايقي جا پکي پاڻي نہ ھئيڻ  جي ڪري  علاقعو ڇڏي ھليا ويا آھن اسان جو علاقعي پاڻي نہ ھوجڻ ڪري ويران ٿي چڪو آھي پڇڙي جي آبادگارن کي ھڪ سازيش تحت پاڻي نہ ڏي تباھ ء برباد ڪيو پيو وڃي رشوت خور ايگريشين عملو مونڊ جي وڏي زميدارن کي رشوت عوض اسان جي حصي جو پاڻي بہ وڪڻي ڇڏن ٿا ھتي جا چونڊيل نمائيندا اسان جي ڪا بہ ڳالھ ٻڌڻ جي لاء تيار نہ آھن اسان چيف جسٽس آف پاڪستان ڊي جي رينجرس سنڌ ء پاڪستان جي ٻين اعلي ادارن کان اپيل ٿا ڪريون تہ اسان جي مدد ڪن ء پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پھچائڻ م مدد ڪن جنھن سبب اسان جي زميون غيرآباد ٿيڻ کان بچي سگھن ھنن جو چيو تي اسان کي پاڻي فراھم نہ ٿيو احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.