لاڙڪاڻي ۾ ڪتن 10 کان وڌيڪ ماڻهو ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتا بي قابو بڻجي ماڻهن کي ڏاڙهي زخمي ڪرڻ لڳا آهن جنهن ڪري عام ماڻهن جي حياتين کي سخت خطرو آهي. رولو ڪتن لاڙڪاڻي شهر سميت مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هڪ ئي ڏينهن 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 16 سالن جو منٺار، 12 سالن جو سرمد علي، 7 سالن جو ڪاظم علي، 55 سالن جي پيرسن عورت اميران خاتون ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي ڊاڪٽرن پاران سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ طبي امداد ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. سينٽر انتظاميه موجب رولو ڪتن جي حملي ۾ زخمي ٿيلن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا شامل سينٽر اچڻ تي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.