ٽنڊي باگو ڀرسان قتل ڪيل نوجوان جومعاملو،جوابدار گرفتار،ڏوهه جو اعتراف

ٽنڊوباگو (ت۔ر) ٽنڊي باگي لڳ ڳوٺ حاجي ابريو ڏگو ۾ پئ ۽ڀاءسان گڏ مهمان ٿي ترسيل مٺي واسي نوجوان بيشم ڪمار لوهاڻو جنهن کي خميس رات گلو ڪپي ڪھي قتل ڪيو ويو هو. جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي  ٿي  آهي. ٽنڊوباگو پوليس قتل ۾ ملوث هئڻ جي شڪ ۾ ڏگا برادري جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري جڏهن هنن کان جانچ ڪئي ته ذڪاء ﷲ ڏگو ۽ ساڻس گڏ گرفتار ٿيل سندس ئي برادري جي هڪ ماڻهو نوجوان بيشم ڪمار لوهاڻو کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ اهڙي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ٽنڊوباگو پوليس قتل واري جاءِ جي ڀرسان قتل ۾ استعمال ٿيل ڪوڏر به هٿ ڪري ورتي آهي. مقتول نوجوان بيشم ڪمار لوهاڻو جو والد ڍوليو لوهاڻو به ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ   ٽنڊوباگو پهچي ويو آهي. گذريل رات ٽنڊوباگو ٿاڻي تي بيشم لوهاڻون جي  قتل جي ايف آئي آر سندس پئ پئ جي فريادتي داخل ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.