مڪاني تڪبندين کي رد ڪريون ٿا: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي بلدياتي تڪبندين کي رد ڪندي چيو آھي تہ بلدياتي تڪبنديون  حڪمران وڏيرن، ايم پي ايم ۽ ايم اين ايز جي پسند جون ٺاھيون ويون آھن۔ تڪبنديون عوام جي سھولت ۽ عوام جي مرضي واريون ٺاھيون وڃن۔ اياز لطيف پليجي چيو بلدياتي نظام جا بنيادي مسئلا سندن درن تي حل ڪرڻ لاء ٺاھيو ويو پر ان کي به ڪمائي جو ذريعو بننايو ويو آھي۔ سموري بجيٽ ھڙپ ڪئي وڃي ٿي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ شديد پاڻي کوٽ جو شڪار آھي۔ زراعت سان گڏ پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ 14 سالن جي اقتدار ۾ سنڌ ترقي جي آسمان تي ھجي ھا پر غريب ماڻھو 2 وقت جي ماني لاء پريشان آھن۔ وڏن شھرن ۾ ھزارين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪري بلڊر مافيا حوالي ڪئي وئي آھي۔ زرعي معيشت کي ھٿ وٺي تباھ ڪري ان سان جڙيل لکين ماڻھن کي غربت طرف ڌڪيو ويو آھي۔ . اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق ۾ سنڌ جي شاگردن لاء موقعا ناھن۔ سنڌ جي ماڻھن جي وفاقي سيڪريٽريٽ ۾ نمائندگي ناھي، نه وري ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾، نہ ريلوي ۾، نہ پي آئي اي ۾، نه فارين منسٽري ۾، نہ او جي ڊي سي، نہ پئٽروليم نہ وري واپڊا ۾ نمائندگي آھي۔ سنڌ جي نوجوانن کي روزگار جو شيئر نه پيو ملي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت سنڌ کي جاگيرداري ۽ قبائليت حوالي ڪري ڇڏيو آھي۔ ڪڏھن مدئجي ۾ ماڻھو قتل ڪيا پيا وڃن، ڪڏھن شڪارپور، ڪڏھن جيڪب آباد، ڪڏھن ڪنڌڪوٽ، ڪڏھن لاڙڪاڻو تہ ڪڏھن قمبرشھدادڪوٽ ۾ ماڻھو قتل ڪري لاش ڏنا وڃن ٿا۔ سنڌ وڏيرن ۽ جاگيردارن حوالي ڪئي وئي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي استادن  کي سھولت ناھي، پگھار ناھن، صحت کاتي ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، وارڊ بواء ۽ ننڍا ملازم پگھارن لاء پريشان آھن۔ پوليس کاتي جي سپاھين کي حق ناھن۔ پنجاب ۾ پوليس جي پگھار ڏيڍوڻي وڌيڪ آھي۔ سفارشي ۽ رشوت تي ڀرتيون ڪري ميرٽ کي ختم ڪيو ويو آھي۔ جنھنڪري ھر کاتي ۾ ڪرپشن ۽ اڪرباپروري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.