سکر مان مهينو اڳ گم ٿيل ناري جو پتو نه پيو، ڳولا جي اپيل

سکر ( رپورٽر) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد آچر گھٽي محلي جي رھواسڻ ناري سرتاج بلوچ پر اسرار نموني گم ھڪ مھينو گذرڻ باوجود ڏس پتو نه پئجي سگهيو، وارث سخت پريشاني جو شڪار، شھرين پاران سوشل ميڊيا ذريعي ايس ايس پي سکر کان ناري سرتاج بلوچ جي ڳولها ۾ مدد جي اپيل، خبرموجب ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد آچر گھٽي محلي جي رھواسڻ ناري سرتاج بلوچ پر اسرار طريقي گم ٿي وئي آهي جنھن جو  ھڪ مھيني کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ھن وقت تائين وارثن کي ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي جنھن سبب مبينا طور گم ٿي ويل ناري سرتاج بلوچ جا وارث سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آھن ۽ گھر ۾ روڄ متل آهي ان سلسلي ۾ سکر جي فلاحي تنظيمن سان تعلق رکندڙ شھرين سوشل ميڊيا ذريعي ايس ايس پي سکر سينگھار ملڪ کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي مبينا طور گم ٿي ويل نوجوان ناري کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

  • چمبڙ ڀرسان پورهيت گم، وارث سخت پريشان

چمبڙ (ت ر) چمبڙ ڄارڪي موري لڳ زميندار آفتاب بچاڻي جي زرعي زمينن تي ڪکاوان گھر ٺاھي ويٺل. شادي شدہ 8 ٻارڙن جو پئ  پورھيت آچم پٽ واگھو ڪڇي ڪولھي پر اسرار نموني گم سندس گھر ۾ روڄ راڙو ڪھرام متل رپورٽ موجب چمبڙ جي ڳوٺ آفتاب بچاڻي واسي شادي شدہ پورھيت پراسرار نموني گم ٽن ڏينھن جي ڳولا باوجود پورھيت آچم ڪولھي جو پتو نہ پيو سندس ٻارڙن جو دانھون گم ٿيل پورھيت جو ڀاء لالو ۽ راڻو ڪڇي سندس ڀاء جو فوٽو ھٿن ۾ کڻي ڳولا لاء مدد جي اپيل ڪنديانھي موقعي تي پورھيت راڻو ڪڇي ۽ لالو ڪڇي ڪولھي دانھيندي ٻڌايو تہ آچم ڪولھي 3 ڏينھن اڳ ڳوٺ ڀرسان شادي جي تقريب ۾ ويو ھو جيڪو نہ شادي واري ھنڌ پھتو ۽ نہ ئي گھر واپس موٽيو اسان مسلسل ٽن ڏينھن کان مٽن مائٽن ۾ ڳولا ڪئي پر ڀاء آچم ڪولھي جي ڪٿان بہ پتو نہ پيو سندس گھرواري کي بيھوشي جا دؤرا پئجي رھيا آھن معصوم ٻارڙن جون رڙيون دانھون آھن بابا ڳولھي ڏيو.

  • پکي ۾ ٽرڪ ڪلٽي، ٻه ڄڻا زخمي، گدرا ضايع

پکو(ن ع آ) باءِ پاس مين انڊس ھاء وي روڊ تي گدرن  سان ڀريل ٽرڪ ڊرائيور کي ننڊ جو جھوٽو اچڻ تي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ ٽرڪ ڊرائيور رضا پٺاڻ شفيع پٺاڻ سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏھن ته شھرين پھچي زخمين کي ٽرڪ مان ڪڍي مقامي اسپتال پھچايو جڏھن ته ٽرڪ ۾ پيل لکين روپين جا گدرا روڊ تي ڪري ضايع ٿي ويا ان حوالي سان زخمي ٽرڪ ڊرائيور رضا پٺاڻ ٻڌايو ته جيڪب آباد شھر کان گدرا کڻي ڪراچي وڃي رھيو ھُئس ته موڙ اچڻ سبب ٽرڪ ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي جنھن ۾ ٻه مزدور پڻ زخمي ٿي پيا آھن ھُن چيو ته ٽرڪ ۾ لوڊ ٿيل لکين روپين جا گدرا ٽرڪ ھيٺان اچي ضايع ٿي ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.