ماٿيلي ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي، ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ويجھو ڳوٺ ڊرنگ چاچڙ ۾ چاچڙ برداري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان  جهيڙو، فائرنگ گولي لڳڻ سبب پيرسن عبدالخالق چاچڙ زخمي ٿي پيو ٻيلو ميرپور پوليس پاران متاثر ڌر کي ليٽر ڏيڻ کان انڪار تي محمد نواز چاچڙ ايس ايس پي آفيس آڏو نٽھڻ اس تي وچ روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيو ٻيلو ميرپور پاران احتجاج ڪندڙ کي ڌمڪيون ميڊيا ۾ خبرون هلڻ کانپوء زخمي کي ليٽر ڏئي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو موڪليو ويو ان موقعي متاثرن چيو تہ جوابدار رشيد چاچڙ،رفيق چاچڙ،ٻڍل چاچڙ اسان جي 3 ايڪڙ زرعي زمين تان زبردستي ڪڻڪ ڪٽائي کڻائي رهيا هئا منع ڪرڻ تي هنن اسان مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ اسان جي ماڻهو کي پير ۾ گولي لڳي آهي ايس ايڇ او ٻيلو ميرپور جوابدار گرفتار ڪرڻ بجاء مونکي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي،  هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.