کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ قمبر ۾ عورتن ۽ مردن جو احتجاج

قمبر (ڊ ر) کنڀي گم ڪيل نوجوان احمد علي چانڊيو جي امڙ عظيمان چانڊيو،گهر واري ۽ ڀاءُ شوڪت چانڊيو دانهيندي ٻڌايو ته 6 ڏينهن اڳ پوليس وردي پهريل ۽  خانگي لباس پهريل اهلڪارن گهر تي چڙھائي ڪري محمد علي چانڊيو کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي. جنهنجو هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آھي احتجاج ڪندڙن چيو ته کيس گرفتار ڪرڻ دوران ڊرگهه ٿاڻي جو ايس ايڇ او سلام چانڊيو ساڻن گڏ هيو جيڪو هاڻي لاعلمي ظاهر ڪري رهيو آهي محمد علي جو ڪنهن به پارٽي يا تنظيم سان ڪو به واسطو ناهي وارث عورتن ۽ مردن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته محمد علي چانڊيو مٿان جيڪڏهن ڪو به ڪيس داخل آهي ته کيس ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي نه ته فوري طور تي آزاد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.