ڪراچي ۾ مقتول نوجوان جا قاتل آزاد، پوليس تماشائي، احتجاج

گلشن اقبال (ن ع آ) ڪراچي جي علائقي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ۾ ٽي مهينا اڳ بي دردي سان قتل ڪيل ايس ٽي پي ڪارڪن عبدالشڪور بليدي جا قاتل اڃان گرفتار نه ٿيا،پوليس رشوت عيوض جوابدارن سان  ٻٽ بڻيل آهي، جوابدار متاثر خاندان کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ لڳا جنهن خلاف وارثن جو سخت احتجاج،قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو، خبر موجب ٽي مهينا اڳ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ۾ هٿياربندن هٿان فائرنگ ڪري قتل ڪيل ايس ٽي پي اوڀر اڳواڻ غلام علي بليدي جي ڀاءُ عبدالشڪور بليدي جي قتل ڪيس داخل ھئڻ باوجود سچل پوليس نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي جوابدارن بااثر هئڻ سبب ۽ رشوت ڏيڻ ڪري سچل ٿاڻو پوليس قاتل جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي قانوني ڪارروائي ڪري نه ٿيڻ کانپوءِ جوابدار متاثر خاندان کي وڌيڪ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن مقتول عبدالشڪور بليدي جي بيوهه زال عائشه بليدي انصاف لاءِ ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجي پورهيت مڙس جا قاتل ياسين ننداڻي قتل جي ايف آئي آر داخل هجڻ باوجود به سرعام گهمي رهيا آهن سچل ٿاڻو پوليس ۽ ڪنڌ ڪوٽ ضلعي پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ بدران غلط عمل ۾ به سرپرستي ڪري رهي آهي قانون اسان جو مظلومن جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ ظالمن جو ساٿاري بڻجي ويو آهي اسين انصاف جي لاءِ در در وڃي دانهن ڏني آهي پر انصاف نه پيو ٿئي ٻئي اسان جي داد رسي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.