ڪنڌڪوٽ ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪشمورضلعي مان 20 ڏينهن اڳ کنڀي گُم ڪيل بهادر علي ڀٽو جي آزادي لاءِ ۽ اڄ ٻئي ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سنڌ سڀا جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻارن سان گڏ احتجاج ڪيو ويو آھي هوڏانهن  ننڍو ڀاء برڪت علي ڀٽو جو سعودي عرب جده ۾ احتجاج ڪري ناري بازي ڪئي ان موقعي برڪت علي ڀٽو ميڊيان سان ڳالهائيندي چيو ته بهادر علي ڀٽو جو ڪنهن به سياسي يا قومي پارٽي سان ڪو به تعلق ۽ واسطو ڪون آھي بهادر جو صرف ايترو ڏوھ آھي جيئي سنڌ سان تعلق رکندڙ سيد برادرين سان دوستي آھي بڊاڻي شهر پورو گواهئي ڏيندو بهادر جو ڪنهن به تنظيم سان واسطو ڪون آھي پوري سنڌ ۾ بهادر علي مٿان ڪنهن به ٿاڻي اين سي داخل ڪون آھي جيڪڏھن بهادر علي ڀٽو مٿان ڪو ڏوھ ثابت آھي ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي اسان پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي عزت ڪيون ٿا هر مهيني پاڪستان کي ٽيڪس ادا ڪندو آھيان مان چيف جسٽس آف پاڪستان آرمي چيف آف پاڪستان پاڪستان جي قانوني ادارن کان هيومن رائيٽس جي اڳواڻن کان مطالبون ڪيان ٿا فورن طور بهادر علي ڀٽو کي آزاد ڪري اسان پرديسين جي ۽ گهروارن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.