پرائيوٽ اسڪولز سکر ريجن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر طرفان گھوٽڪي جي اسڪولن جا دورا

گهوٽڪي (ڊ ر) پرائيويٽ اسڪولز سکر ريجن جي ڊائريڪٽر ميڊم رخسانا شاهين  مڱڻيجو جي هدايتن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر پاران گھوٽڪي ۽ سرحد جي مختلف نجي اسڪولن جا اچانڪ دورا ڪيا ويا، دوري دوران گھوٽڪي جي مختلف اسڪولن ايڪسيلنس اسڪول، ڊريم لينڊ اسڪول، يونيورسٽي آف ڪڊز اسڪول، علام اقبال اسڪول ۽ نيو ارا پبلڪ اسڪول ۾ ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ جي مقرر ڪيل تاريخ کان اڳ ۾ امتحان وٺڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آفيس سکر پاران مجموعي طور تي هڪ لک پنجويهه هزار روپيه ڏنڊ وڌو ويو، ڊپٽي ڊائريڪٽر جنيد احمد چاچڙ پاران سرحد جي مختلف اسڪولن شاهه لطيف پبلڪ هاءِ اسڪول، اقرا پبلڪ اسڪول، آئيڊل پبلڪ اسڪول، يونيورس آف ڪڊز اسڪول، دعا پبلڪ اسڪول، ايور گرين پبلڪ اسڪول، ۽ سٽي پبلڪ اسڪول جو دورو ڪيو ان موقعي تي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ تي ڪاوڙ اظهار ڪيو ويو. نجي اسڪولن تعليم جو معيار قدر بهتر آهي ليڪن اڃا وڌيڪ سخت محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. ، ڊپٽي ڊائريڪٽر جنيد احمد چاچڙ اظهار خيال ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نگراني ۾ هلندڙ سٽي پبلڪ اسڪول جي انتظاميه کي هدايت ڪندي چيو ته شاگردن جي تعليم تي ڌيان ڏين اوهان کي سنڌ گورنمينٽ پئيسا ڏئي رهي آهي ۽ اسان جو فرض آهي ته تعليم جو معيار ۽ بنيادي سهولتن جو جائزو وٺون.

  • پني عاقل ۾ ڪلهوڙا برادري جو چيف سردار طرفان بلدياتي اليڪشن ۾ اميدوار بيهارڻ جو اعلان

پنوعاقل (ت ر) ڪلھوڙا برادري جو چيف سردار علي اڪبر خان ڪلھوڙو پنوعاقل پھچي سئينير صحافي مشھور سماجي ورڪر عبدالرزاق ڪلھوڙو کي يونين ڪونسل بائيجي شريف ۾ بلدياتي اليڪشن لاءِ بيھارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،ان ڏس ۾ چيف سردار علي اڪبر ڪلھوڙو اسان جي نمائيندي سان ڳالھائيندي چيو ته عباسي ڪلھوڙا ڊولپمنٽ آرگنائيزيشن ۽ ڪلھوڙا عباسي برادري پاران پنوعاقل جي 18 يوسين ۽ شھر جي 16 وارڊن جي ھر تڪ تي پنھنجا اميدوار بيھارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ھن سان گڏ ديدار عباسي،ڊاڪٽر دوست محمد ڪلھوڙو،ڪامريڊ نديم،اياز عباسي ۽ ٻيا ھئا،سردار علي اڪبر ڪلھوڙو ڳوٺ ڦرقپور پھچي حاجي الھوسايو ڪلھوڙو جي پوٽي جي وفات تي تعزيت ڪئي.

  • لاڙڪاڻي ضلعي مان 24 ڪلاڪن دوران 4 لاش هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان لاش هٿ، وڳڻ ٿاڻي جي حد مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ نه  ٿي، 24 ڪلاڪن دوران هٿ آيل لاشن جو انگ 4 ٿي ويو، ايڌهي رضاڪارن ٻنهي لاشن کي لاوارث قرار ڏئي دفنائي ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد مان 48 سالن جي اڌڙوٽ همراهه جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد لاش ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ قمبر ويندڙ همراهه روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو جنهن جي به سڃاڻپ نه ٿيڻ تي پوليس لاش ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو جنهن بعد ايڌهي رضاڪارن ٻنهي لاشن جي وارثن جي ڳولا ڪئي جن جو ڏس پتو نه پوڻ تي رضاڪارن ٻنهي لاشن کي لاوارث قرار ڏئي غسل ۽ ڪفن بعد شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آھي. واضع رهي ته هڪ ڏينهن اڳ به لاڙڪاڻِ مان ٻه لاش هٿ آيا هئا ۽ ڪالهه ٻيهر ٻه لاش هٿ اچڻ بعد 24 ڪلاڪن دوران هٿ آيل لاشن جو انگ 4 ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.