جروار لڳ 2 ڀينرون مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج

جروار (ن ع آ)جروار ويجھو ڳوٺ صاحب خان لنڊ مان ٻه ڀينرون صدف ۽ نغمه ڌي بچل لنڊ  مبينا طور اغوا ٿي ويون ، جڏھن ته چار ڏينھن  گذرڻ باوجود کين ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي نارين جي مامي سجاعت حسين لنڊ پاران محمد حسن ،صالح ،عالم مشوري ،ظفر ، اڪرم بجاراڻي مبارڪ ملڪ ۽ ٻن اڻسڃاتل جوابدارن سميت 8 ڄڻن مٿان جروار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آھي ، ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ جروار پوليس پاران مختلف ھنڌن تي ڪاھ ڪئي وئي آھي ،پر جوابدارن سميت نوجوان ناريون به ھٿ نه اچي سگھيون آھن . جڏھن ته جروار پوليس کين ڳوٺ يعقوب مشوري سميت مختلف ڳوٺن مان چوپايو مال ڪاھي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيو آھي.

گهوٽڪي ۾ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ واٽهڙو نوجوان فوت

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي بائي پاس تي ڪراسنگ دوران موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، خبرموجب  سرحد جي قومي شاهراهه تي زونگ هوٽل ڀرسان روڊ جي ڪراسنگ دوران موٽرسائيڪل جو نوجوان سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان عبدالحميد ولد رحيم بخش سولنگي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتر جو مڙهه اباڻي ڳوٺ آڻڻ وقت گهر ۾ قهرام مچي ويو،

  • پنوعاقل ۾ نوجوان ڳوٺاڻي خودڪشي ڪري ڇڏي

پنوعاقل(رپورٽ: رستم انڍڙ)پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ عالم خان جتوئي جي 26 سالا نوجوان  رابيل ولد  محمد ملوڪ جتوئي گھرو اڻبڻت سبب گذريل ڏينهن زھرلي دوا پي  ڇڏي ھئي جنھن کي وارث تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻي ويا ھئا جنھن بعد تعلقہ اسپتال جي ڊاڪٽرن  نوجوان پاران پيتل زھرلي دوا واش ڪري ڪڍڻ کان پوءِ سکر اسپتال ڏانهن ريفر ڪيو ويو ھو جيڪو سکر جي اسپتال م فوت ٿي ويو آهي، فوتي نوجوان جو مڙھ گھر پھچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو.

  • ڪنڊياري ۾ايم ايس درٻيلو ۽ ٻين مٿان مبينا تشدد ڪرڻ جو ڪيس داخل

ڪنڊيارو  (ت ر)ڪنڊيارو ٿاڻي تي درٻيلو  اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر الطاف رند ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف درٻيلو اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي ديدار سومرو،مسعود اڄڻ، عمر سولنگي ۽ اعجاز ٻڌ،ڪنڊيارو سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر  عقيل اجڻ،نواز احمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔احتجاج موقعي تي اڳواڻ ڊاڪٽرن ۽ عملي چيو ته درٻيلو اسپتال ۾  ڊيوٽي تي موجود ايم ايس ڊاڪٽر الطاف رند خلاف ايس ايس پي ڪلارڪ جي چوڻ تي ايس ايڇ او ڪنڊيارو ونگار وهندي تشدد ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي، ڊاڪٽر مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي۔اڳواڻن اعلان ڪيو ته ڊاڪٽر الطاف رند  مٿان داخل ڪيس ختم نه ٿيو ته روزانو اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

  • دولتپور صفن ۾ شهرين جو بلڊر خلاف احتجاج

دولتپورصفن (ن ع آ)بسم الله سٽي دولتپورصفن جي رهواسين پاران بسم الله سٽي ۾ ڊرينيج سسٽم، گئس، بجلي، پڪا رستا  نه ٺهرائڻ ۽ اسڪيم بلڊر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي احتجاج ڪندڙ رهواسين عبدالجبار سوهو ، ظفر جٽ ، ممتاز اوٺو ، غلام رسول گهلو، فقير نذير انڙ ، آصف ميمڻ ۽ ٻين چيوتہ گذريل 9 سالن کان اسان بسم الله سٽي ۾ رهائش پذير آهيون ، پر اسان کي بنيادي سهولتون ايگريمنٽ تحت نه ڏنيون ويون آهن ، هنن چيوته اسڪيم بلڊر عاصم ڪبير خانزاده ڊولپمينٽ مطابق اسان سان معاهدو ڪيو ته اسڪيم مڪمل ٿيڻ تي اوهان کي بجلي ، گئس ، ڊريننج ۽ پڪا رستا ڏنا ويندا ، پر هن مهل تائين ڪا به سهولت نه ڏني آهي ، بسم الله سٽي جو گٽر نيڪال مڪمل ناڪاره آهي جنهن ڪري سڄي بسم الله سٽي ۾ بدبوء ڦهلجي وئي آهي ، هنن وڌيڪ چيو ته اسڪيم مالڪ عاصم ڪبير خانزاده کي چيوسين ته اسان کي بنيادي سهولتون ڏياريو ته الٽو اسان تي ڏمرجي پيو ۽ ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ته اوهان کي جيڪو ڪجھ ڪرڻو آهي وڃي ڪيو ۽ ٿاڻا ، عدالتن جا دروازا کليا پيا اٿو ، هنن ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته مذڪور بلڊر مافيا خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين بسم الله سٽي ۾ سموريون بنيادي سهولتون ڏياريون وڃي ٻيءَ صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.