اوٻاوڙي لڳ زمين تان جهيڙو، ويڳي ڀاءُ مٿان تشدد، احتجاج

اوٻاوڙو (ن ع آ)اوٻاوڙولڳ جھنگل ملڪ ۾ زمين جو حصو گھرڻ تان ڀائرن ۾ جھيڙو ھڪ ڄڻو زخمي اسپتال داخل  مقصود احمد ڀٽو پاران  پنهنجي ويڳي ڀائرن کان زمين جو حصو گهرڻ تي هو ڏمرجي پيا ۽ مٿان سخت تشدد ڪيو ويو آهي جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، متاثر زخمي مقصود ڀٽو جي امڙ  ٻڌايو ته منهنجي مڙس کي پنج پٽ آهن مقصود مون منجهان ۽ 4 ٻي زال مان آهن جيڪا منهنجي پٽ جي حصي جي زمين ۽ جائيداد تي پڻ قبضو ڪيون ويٺا آهن هن چيو ته منهنجي پٽ انھن کان پئ جي جائيداد مان پنهنجوحصو گهريو ته ان جا ويڳا ڀاءُ ايوب ڀٽو، يعقوب ڀٽو، گاجي ڀٽو، منظور ڀٽو، پنهنجا پٽ ساڻ ڪري منهنجي پٽ ۽ مون تي سخت تشدد ڪيو آهي ريتي پوليس کي اطلاع ڪيو موقعي تي پھچي منھنجي پٽ کي زخمي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو آھي ۽ واقعي جي اين سي به داخل ڪرائي آھي مگر جوابدار گرفتار نه ٿيا آھن  . هو بااثر آهن ۽ بااثرن سان هنن جا واسطا آهن منهنجو پٽ زخمي حالت ۾ اسپتال داخل آهي مان ايس ايس پي گھوٽڪي کان اپيل ٿي ڪريان ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي  مون کي تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.