ڄامشوري ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن جي سالياني ليو انڪيشمينٽ نه ملڻ خلاف ريلي

ڄامشوري ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن پاران سالياني ليو انڪيشمينٽ نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ملازمن، ميوا يونين جي سڏ تي علي محمد شورو، غلام شبير بلوچ، ڪاشف علي عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي سي اين جي اسٽيشن کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته يونيورسٽي انتظاميا عيد ويجهو اچڻ ۽ درخواستون ڏيڻ باوجود به سيالياني طور ملندڙ ليو انڪيشمينٽ اڃا تائين ناهي ڏني، جنهن ڪري ملازمن ۾ بيچيني پکڙيل آهي.

هنن يونيورسٽي انتظاميا کان مطالبو ڪيو بنا دير ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد نوابشاهه جي پي ايم سي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ مريضن کي دوائون نه ملڻ جي درخواست تي انتظاميا کي نوٽيس جاري ڪندي عدالت طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد، نوابشاهه جي وڪيل صابر سھتو پاران پي ايم سي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ مريضن کي دوائون نه ملڻ واري درخواست داخل ڪرائڻ بعد انتظاميا کي نوٽيس جاري ڪندي ايم ايس کي 24.05.2022 تي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.