چمبڙ: بڪيراڻي سب ڊويزن مان نڪرندڙ شاخن جي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

چمبڙ ۾ بڪيراڻي سب ڊويزن مان نڪرندڙ شاخن جي پڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ماتم ڪري احتجاج ڪيو ويو.

اڪرم رند، انور علي، ياسين رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پڇڙي جي آبادگارن رنجيرن سان ماتم ڪري انوکو احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بڪيراڻي سب ڊويزن مان نڪرندڙ شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ سبب زمينون بنجر ٿي ويون آهن ۽ چوپايو مال اڃ وگھي مري رهيو آهي، جڏهن ته مسلسل احتجاج باوجود انتظاميا پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي مطالبو ڪيو ته بڪيراڻي سب ڊويزن مان نڪرندڙ شاخن کي پنهنجي حصو جو پورو پاڻي فراهم ڪري آبادگارن کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.

 

خانپورمهر ويجھو هٿياربندن پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.

پير بري واري علائقي ۾ بوزدار براداري جي ٻن ڌرين هلندڙ پراڻي تڪرار تان هڪ ڌر، ٻي ڌر جي گھر تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪئي.

فائرنگ جي نتيجي ۾ گھر اندر ستل روزيدار نوجوان نزاڪت علي مارجي ويو، جڏهن واقعي کانپوءِ هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.

وارث مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي آيا، جيڪو ضروري ڪارروائي کانپوءِ گھر کڻائي ويا.

مقتول نوجوان جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته هٿياربندن گھر تي ڪاهه ڪري روزيدار نوجوان کي قتل ڪيو ناحق ڪيو آهي، مير موڙ چوڪي جي پوليس فائرنگ جو آواز ٻڌڻ باوجود نه آئي، ايس ايس پي شڪارپور معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.