لنڊن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي نمبر ون ٽيسٽ بيٽر مارنوس لبوشين کي آئوٽ ڪري ڇڏيو.
انگلينڊ ۾ جاري ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ شاهين شاهه آفريدي آسٽريلوي رانديگر مارنوس لبوشين کي رڳو 23 رنز ٺاهڻ کانپوءِ پويلين جو دڳ ڏيکاريو.
گلمورگن ۽ مڊل سڪس وچ ۾ کيڏيل ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر آسٽريلوي رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
ياد رهي ته شاهين شاهه آفريدي 7 اننگز ۾ پنج ڀيرا دنيا جي نمبر ون ٽيسٽ رانديگر کي آئوٽ ڪيو آهي.