”جلد قوم کي خوشخبري ٻڌائينداسين“

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا جو چوڻ آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين کي پارليامينٽ جو حصو بڻائڻ چاهيون ٿا، جلد قوم کي خوشخبري ٻڌائينداسين.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ  اسحاق ڊار ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

قمر زمان ڪائرا چيو ته عمران خان نفرت جي موقف کي هٿي ڏني، اسان جي سيڪيورٽي ايجنسي ۽ سفارتڪارن کي خبر آهي ته خان صاحب غلط بياني ڪئي آهي.

قمر زمان ڪائرا جو چوڻ هو ته عمران خان ڪوڙ جي سهاري بيٺل آهي، خان صاحب جلسا جلوس ڪري قانون هٿ ۾ نه کڻي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هڪ ٻن ڏينهن ۾ پرڏيهي وزير جو حلف کڻندو، هي طئي ٿيل آهي، ان ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي.

ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار چيو ته سينيٽ چيئرمين، اسپيڪر ۽ گورنر پنجاب سميت سمورن عهدن جا معاملا چار هفتا پهريون ئي طئي ٿي چڪا، عهدن جي معاملي تي اڃا اهڙي ڪا ڳالهه ٻولهه نه پئي ٿئي ۽ نه ئي بلاول ڀٽو ان مقصد لاءِ لنڊن آيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.