زيلنسڪي جي يوڪريني عوام کي مزاحمت جي اپيل

 

ڪيف (ويب ڊيسڪ) يوڪريني صدر وولوديمير زيلنسڪي پنهنجي هم وطنن کي روس جي جارحيت خلاف مزاحمت جاري رکڻ جي اپيل ڪئي آهي.

زيلنسڪي گذريل رات هڪ وڊيو پيغام ۾ خبردار ڪيو ته روسي فوج جي تازن بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته يوڪرين تي روسي حملن جي هيءَ رڳو شروعات آهي.

هن اها ڳالهه هڪ روسي فوج جي ڪمانڊر جي جارحاڻي بيانن جي جواب ۾ چئي.

روسي ڪمانڊر چيو هو ته روس يوڪريني شهر ماريوپول کان اوڊيسا تائين، ڊونباس خطي ۽ ڏکڻ يوڪرين ۾ مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

ماسڪو ان ذريعي مالدووا جي عليحدگي پسند علائقي ٽرانسنيسٽريا تائين زميني رابطو قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.