عيد کان اڳ ڪراچي جي شهرين سان ٺڳي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيد کان اڳ ڪراچي جي شهرين سان هڪ ڀيرو ٻيهر آن لائن ڊيبٽ ڪارڊ فراڊ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.

ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آن لائن ڊيبٽ ڪارڊ فراڊ جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي، شروعاتي طور تي ٽن نجي بئنڪن جا واهپيدار متاثر ٿيا، ڪيترن ئي شهرين پنهنجي بئنڪن سان رابطا ڪيا.

اختيارين موجب فراڊ جون دانهون ٻن ڏينهن کان منظر تي اچڻ شروع ٿيون، ٽرانزيڪشنز سرچ انجڻ گوگل تي جعلسازي سان ڪيون ويون، شهرين جي اڪائونٽن مان ننڍي رقم جون ڪيتريون ئي ٽرانزيڪشنز ٿيون، اها ٽرانزيڪشنز عالمي ڪرنسين ۾ ٿيون.

واقعا رپورٽ ٿيڻ تي شهرين ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سان به رابطو ڪيو ۽ پنهنجي شڪايتون داخل ڪرايون.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيترا شهري متاثر ٿيا، في الحال اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.