تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي ايليٽ فورس پاسداران انقلاب جي هڪ جنرل جي گاڏي تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڇڏي.
سرڪاري ميڊيا موجب زاهدان شهر ۾ اڄ صبح ٿيندڙ ان حملي جي نتيجي ۾ ايراني جنرل حسين الماسي ته بچي ويو پر ان جو باڊي گارڊ محمود ابصلان مارجي ويو.
اختيارين طرفان ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ته انهن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي.