پپيتي جا اهي فائدا، جيڪي ڄاڻڻ کانپوءِ توهان ان جي استعمال تي مجبور ٿي ويندا!

 

پپيتو صحت بخش ميون مان هڪ آهي، ان کي پنهنجي غذا ۾ شامل ڪري توهان به ڪيترائي فائدا حاصل ڪري سگهو ٿا.

پپيتي کي مختلف طريقن سان غذا ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، ان کي ٻين کاڌي جي شين سان ملائي به کائي سگهجي ٿو، جيڪو انهن جو ذائقو وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

وٽامن اي، وٽامن سي ۽ بي شمار معدنيات سان ڀرپور ان ميوي جو ٿورو مقدار به انساني جسم کي گهربل وٽامن سي جي روز جي مقدار پوري ڪري سگهي ٿو.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ پپيتي ۾ 3 گرام فائبر، 15 گرام ڪاربس، هڪ گرام پروٽين، 157 سيڪڙو وٽامن سي، 33 سيڪڙو وٽامن اي، 14 سيڪڙو وٽامن بي 9 ۽ 11 سيڪڙو پوٽاشيم موجود هوندو آهي.

پپيتي ۾ موجود اينٽي آڪسيڊينٽ توهان جي دل جي حفاظت ڪري سگهن ٿا ۽ سٺي ايڇ ڊي ايل ڪوليسٽرول جي حفاظتي اثرن کي به وڌائي سگهن ٿا.

پنهنجي غذا ۾ پپيتو شامل ڪري توهان دل جي صحت بهتر بڻائي سگهو ٿا.

پپيتي ۾ وٽامن سي ۽ لائڪوپين موجود هوندو آهي، جيڪو جلد ۾ حفاظت لاءِ مددگار آهي.

پپيتي کي غذا ۾ شامل ڪري توهان موهيڙن، گُهنجن ۽ جلد جي ٻين مسئلن مان جان ڇڏائي سگهو ٿا.

فائبر ۽ پاڻي جي وڌيڪ مقدار سبب پپيتي کي قبض جي خاتمي ۽ هاظمي جي نظام جي بهتري لاءِ به فائديمند سمجهيو ويندو آهي.

پپيتو قدرتي طور تي فائبر جو خزانو آهي، تنهن ڪري پپيتي کي شگر جي مريضن لاءِ به فائديمند سمجهيو وڃي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.