عورت پنهنجي مڙس جي قتل جو ڪانٽريڪٽ ڏئي ڇڏيو، حملي آور گرفتار

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شهر ڀوڀنيشور ۾ مڙس جي قتل جو ڪانٽريڪٽ ڏيندڙ عورت منصوبو مڪمل نه ٿيڻ تي فرار ٿي وئي، جڏهن ته پوليس حملي آور کي گرفتار ڪري ورتو.

ڀارتي ميڊيا موجب عورت جو مڙس سينيئر ريلوي آفيسر آهي، بيناياڪ ڀيرا ڀوڀنيشور جي ريلوي زون جي ورڪ شاپ ۾ سينيئر سيڪشن انجنيئر طور ڪم ڪري ٿو.

بيناياڪ ڀيرا تي ٻن جوابدارن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيو ۽ موٽر سائيڪل سوار سندس مٿي تي لوهو پائپ هڻي فرار ٿي ويا، موقعي تي موجود ماڻهن کيس اسپتال پهچايو.

بيناياڪ پنهنجي زال سلسلا ڀيرا، ڊرائيور آشوڪ سهو سميت هڪ ٻئي شخص خلاف ڪيس داخل ڪرايو، پوليس شهر ۾ سندس اپارٽمينٽ تي ڇاپو هڻي آشوڪ سهو کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن تي الزام آهي ته هو عورت جو ساٿي آهي.

واقعي جي جاچ بعد پوليس انڪشاف ڪيو ته ريلوي عهديدار جي زال کيس قتل ڪرڻ لاءِ قاتلن کي هڪ لک رپيا ڏنا هئا ۽ سازش بابت ڊرائيور ٻڌايو، جيڪو عورت جو ساٿي آهي.

پوليس موجب عورت جي گرفتار ٿيڻ بعد معاملو واضح ٿي ويندو.

ڊرائيور انڪشاف ڪيو ته عورت سان لاڳاپا قائم ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي مڙس کي قتل ڪرڻ جو ڪانٽريڪٽ ڏنو پر سندس مڙس جيئرو آهي ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.