اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پاران رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ مسجد اقصيٰ اندر اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيلي فوج پاران مسجد اقصيٰ ۾ معصوم نمازين تي تشدد جي سخت مذمت ڪري ٿو.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب رمضان المبارڪ ۾ اهڙيون حرڪتون مذمت جوڳيون ۽ عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهن.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسرائيلي فورسز جمعي نماز کان پهرين مسجد اقصيٰ ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي فلسطيني زخمي ٿيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فورسز جمعي جي صبح والاريل بيت المقدس ۾ واقع مسجد اقصيٰ ۾ داخل ٿي، جنهن دوران جهڙپن ۾ ٽن صحافين سميت 30 فلسطيني زخمي ٿي پيا.