روزي ۾ به ڀُل ۾ پاڻي پي ڇڏيندي آهيان: مٿيرا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور ماڊل ۽ ميزبان مٿيرا جو چوڻ آهي ته هوءَ اڪثر روزي ۾ ڀل ۾ پاڻي پي وٺندي آهي.

ميزبان مٿيرا تازو هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي رمضان ۾ جاري مصروفيتن بابت ٻڌايو آهي.

مٿيرا جو پنهنجي انٽرويو دوران چوڻ هو ته هن سان اڪثر ائين ٿيندو آهي جو هو کاڌو ٺاهڻ دوران چکي وٺندي آهي يا وري پاڻي پي وٺندي آهي، سندس ماءُ کيس ياد ڏياريندي آهي ته روزو آهي.

اداڪارا کان سوال ڪيو ويو ته ڇا هوءَ ننڍپڻ ۾ پراسرار حرڪتون ڪندڙ ٻارڙي هئي، جنهن جواب ۾ هن چيو ته هو اڃا به پراسرار حرڪتون ڪندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.