آمريڪا پاران پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرائي جي آجيان

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاران پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرائي جي آجيان ڪئي وئي آهي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان جيلينا پورٽر چيو ته آمريڪا مسلسل چئي رهيو آهي ته عمران خلاف جي الزامن ۾ قطعي ڪا صداقت ناهي.

جيلينا پورٽر چيو ته آمريڪا پاڪستان جي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو آهي، مضبوط، خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان آمريڪي مفاد لاءِ اهم آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن قومي سلامتي ڪميٽي جي ٿيل اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته ڳجھن ادارن خط جي جاچ ڪئي پر ان ۾ پرڏيهي سازش جا ڪي ثبوت ناهن مليا.

قومي سلامتي ڪميٽي پڌرائي ۾ چيو هو ته سيڪيورٽي ادارن جي جاچ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڪا پرڏيهي سازش ناهي ٿي.

اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي گذريل اجلاس جي فيصلن جي به منظوري ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.