پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما جي طبيعت ناساز، اسپتال منتقل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما کي طبيعت خراب ٿيڻ کانپوءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

گورنر پنجاب جي خانداني ذريعن ٻڌايو ته عمر سرفراز چيما جي طبيعت سحري وقت خراب ٿي، جنهن جو فوري طور ان جي اسٽاف کي اطلاع ڏنو ويو.

عمر سرفراز چيما کي فوري طور تي سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن ان کي ڊائريا هجڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد ان کي ڊرپ لڳائي وئي.

ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته گورنر عمر سرفراز چيما جو سروسز اسپتال ۾ طبي معائنو جاري آهي ۽ ان جون مختلف ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن پر ان جي صحت جي حوالي سان خطري جي ڪا ڳالهه ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.