ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن بالي ووڊ جي سپر اسٽار ڪرينا ڪپور کي به نشانو بڻايو آهي ۽ اداڪارا جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب هندو انتها پسند ڪرينا ڪپور جي مٿي تي ٽڪو نه لڳائڻ تي سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ ان عمل کي هندو ريتون رسمون ختم ڪرڻ واري سازش قرار ڏيندي چيو ته عوام کي اداڪارا جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته بالي ووڊ اداڪارا هڪ جيولري برانڊ جي اشتهار ۾ ڪم ڪيو ۽ ان دوران هوءَ پوسٽر ۾ بنا ٽڪي جي نظر آئي، جنهن تي انتهاپسند سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويا.
برانڊ جي مارڪيٽنگ جي اشتهار ۾ ڪرينا ڪپور مختلف رنگن جا ويڊنگ لباس ۽ سون جا زيور پهريا هئا.