نواز شريف ۽ بلاول جي لنڊن ۾ ٿيل ملاقات جي پڌرائي جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف ۽ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي لنڊن ۾ ٿيل ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي.

پڌرائي موجب ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ۾ جمهوريت، قانون جي حڪمران ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته جڏهن به گڏجي ڪم ڪيو ته وڏي ڪاميابي ماڻي.

ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته عوام پي ٽي آءِ حڪومت جي نااهلي ۽ تباهه ڪندڙ معاشي بدانتظامي جو گھڻو نقصان سهي چڪو آهي، ان سمورن بحرانن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، گڏيل هدف ۽ هاڻوڪي معاشي صورتحال کي تبديل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ سمورين جمهوري قوتن ۾ اتفاق راءِ سان مستقبل لاءِ وسيع روڊ ميپ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي اڳواڻن نئين چارٽر تي غور لاءِ اعليٰ سطح جي اجلاس جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.