ڪوئلو بڻيل ٻار ۽ بي حسيءَ جو عالم

مھاديو مڪواڻو

سنڌ ۾ ھاڻي ڪنھن به قسم جو ڏاڍ، ظلم، حادثو، واقعو ۽ ڪنھن به قسم جي قانون جي ڀڃڪڙي نئين نٿي لڳي. اخبارن ۾ ڪابه اھڙي خبر مشڪل سان نظر اچي ٿي جنھن سان اکين جا ڀرون اڀا ٿين، ھونديون خير جون خبرون پوري اخبار ۾ ٻه ٽي ئي آھن باقي سڄي اخبار انھن ئي خبرن سان ڀريل ھوندي آھي. جنھن ۾ جھيڙن کان ويندي ڦرن ۽ زيادتين جون ڪھاڻيون ھونديون آھن. جيڪي ھاڻ اسان وٽ عام خبرن ۾ ڳڻجن ٿيون.

سنڌ ۾ مھيني ڏيڍ ۾ ٽي سئو کان مٿي ننڍا وڏا باھ جا واقعا ٿيا آھن، سڀني حادثن جي جاچ ڪندو ته مشڪل سان اھڙو ڪو واقعو ملندو جتي باھ وسائڻ واريون گاڏيون ۽ عملو پھتو ھجي. باھ جي واقعن جي شدت ھلندڙ ٻن ٽن مھينن ۾ ھر سال وڌي ويندي آھي پر ھر سال جيان ھن سال به وڌ کان وڌ بند ڪمرن ۾ ڪيئي رضاڪارن جون ۽ واسطيدار ادارن جي ملازمن جون ٽريننگس ٿيون ھونديون پر عملي طور تي ڪنھن به اداري کي نه ايڪٽو ڪيو ويو نه ئي ڪو متاثرين جي عملي مدد ٿي سگھي آھي. ممڪن آھي ته ٽي سو کن پيش آيل باھ جي واقعن منجھان ٽيھاروُ اھڙا واقعا  ٿيا ھجن جتي جي متاثرين منجھان ڪنھن جا ڪنھن اثر رکندڙ ڪاموري يا سياسي ماڻھو سان تعلق ھجن ۽ اتي مدد جي لاءِ ڪير پھتو ھجي پر مجموعي طور تي ڪل حال ساڳيو نظر ايندو.

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، ضلعي تي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جيڪو ھر سال ھزارن جي تعداد ۾ ٽي ڏينھن کان ويندي ستن ڏينھن جي ٽريننگ ڪرائي ٿي جنھن مان ھر سال ھزارين ماڻھو سکيا وٺن ٿا ته آفتن کي ڪيئن منھن ڏئي عام ماڻھوءِ جي مدد ڪجي، پر ڪٿي به ڪنھن به حادثي تي انھي عملي جو وقت تي نه پھچڻ، سکيا وٺي ويندڙ رضاڪارن جو عوام جي مدد ۾ بھرو نه وٺڻ، ھڪ تمام وڏو سواليه نشان ڇڏي ٿو، جنھن جو جواب شايد ڪنھن وٽ ڪونھي. عام ماڻھو جي مدد جي وقت سکيائون وٺي ڀڙ ٿيل عملو توڙي رضاڪار، ۽ ڪيئي ڏينھن جي محنت سان ٺھيل منصوبه ڪنھن به ڪم نٿا اچن، جيڪي بس ھڪ آفيس جي ميز کان ٻي آفيس جي ميز جو سفر طئي ڪري ڪنھن الماڙي جي زينت بڻجي ويندا آھن.

جيڪا ڪنھن عام ماڻھو سان آفت جي ڪري ويڌن ٿئي ٿي، ان متاثر کان جي حال پڇبو ته اوھان کي محسوس ٿيندو ڄڻ، عام ماڻھوءَ جي مدد جي لاءِ ڪو ادارو ٺھيو ئي نه آھي، ميھڙ ھجي، دادو ھجي، ڪراچي ھجي يا ٿرپارڪر جو ڪو ڳوٺ ھجي، جنھن ڏينھن حادثو ٿيندو آھي انھي ڏينھن ڪڏھن به شايد ھي باھ وسائڻ جي لاءِ ڪروڙين رپين جون مقرر ٿيل گاڏيون توڙي اِلاھي ادارن کان سکيا وٺي ڀڙ ٿيل عملو پھتو ھجي. ساڳيو عملو ۽ گاڏيون اسان کي تڏھن نظر اينديون آھن جڏھن اسان جي مقامي ڀوتار وٽ ڪو ٻيو ڀوتار مھمان ٿي ايندو آھي يا ڀوتار پيرن پنڌ عوام جا حال معلوم ڪرڻ نڪرندو آھي، ته انھن ڏينھن ۾ انھن گاڏين ۽ عملي جو ڪم ھوندو آھي رستن ۾ پاڻي ڇنڊي رستا صاف ڪرڻ، وڏيري جي اوطاق جي ٽانڪي تائين پاڻي پھچائڻ ۽ اوطاق جي صفائي ڪو ڪم سر انجام ڏيڻ.ممڪن آھي ته ٻين ضلعن ۾ ڪو نظام بھتر ھجي پر منھنجي ڄاڻ مطابق جڏھن به ڪنھن ڳوٺ ۾ باھ لڳڻ جو واقعو ٿيو آھي ته اتي جي مقامي ماڻھن ئي پنھنجي وسيلن ۽ سمجھه آھر ڪوشش ڪري باھ تي قابو پاتو ھوندو، ۽ انھن عاليشان گاڏين ۽ تمام ماھر عملي ورلي ڪو عام ماڻھو جي مدد ڪئي ھجي. عام ماڻھو کي جڏھن جڏھن انھن ۾ ڪم پيو ھوندو ته واسطيدار اداري جا ڪجهھ ٺھه پھه جواب ھوندا آھن، ”ڪوشش ڪيون ٿا جلدي اچون، گاڏي ۾ فني خرابي آھي“، ”ڊرائيور موڪل تي آھي، ۽ اھا گاڏي عام ڪو ڊرائيور ھڪلي به نٿو سگھي“، ”صاحب آفيس ۾ ڪونھي“، ڪڏھن ڪڏھن ته اھا سھولت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اوھان کي تيل پاڻيءَ جو خرچ به ڏيڻو پئجي ويندو آھي ۽ انھن ظالمن کي سڙندڙ گھرن جو نه دونھون نظر ايندو آھي، نه عام ماڻھو جو ڏک ڏسڻ ۾ ايندو آھي، نه ئي ڪنھن جي  بيوسيءَ جا سڏڪا ٻڌڻ ۾ ايندا آھن.

سرڪاري اداران جا ماڻھو تمام ماھر ھوندا، پوءِ ڪھڙي به کاتي جا ملازم ھجن، مونکي ھن ڳالهھ جو اندازو تڏھن ٿيو جڏھن ڪنھن ڪم جي سلسليءَ ۾ مونکي ڪو ست اٺ سرڪاري ادارن سان ھڪ ئي مھيني ۾ ڪم پئجي ويو. مونکي خوشي ٿي ته ھر کاتي جي آفيس مان اڌ کان گھڻا ماڻھو ڪنھن نه ڪھن ٽريننگ ۾ قابو ھيا، جن مان چند ڪي ٽريننگس وابسطه کاتي جي آفيس جي طرفان ھيون ته کوڙ ساريون ٽريننگس غيرسرڪاري، فلاح و بھبود سان جڙيل مقامي، صوبائي، قومي ۽ بين القوامي ادارن جي طرفان ڏنيون پئي ويون. پر مونکي اھا ڳالهھ اڃان تائين سمجهھ ۾ نه اچي سگھي آھي ته اھي ٽريننگس ڪھڙي قسم جون آھن جن جي معرفت سوين سرڪاري ملازم سکيا وٺن ٿا پر عام ماڻھو جي زندگي ۾ ان ٽرينگس جي ڪري ڪنھن به قسم جو فائدو ٿي نه سگھيو آھي.اربين رپين جي لوڪل گورنمينٽ جي بجيٽ ته ڪڏھن عام ماڻھو جي لاءِ استعمال ٿي ئي ڪونھي پر ويجهي ماضي ۾ جيڪو عدليه جي بت ۾ ساھ پيو ھيو ان جي ڪن تي به جونءِ نه سُري، توڙي جو انساني حقن تي ڪم ڪندڙ ادارا دانھون ڪندا رھن ٿا پر ھن دفعي ته انھن ادارن جي به ڦڙتي منظر عام تي اچي نه سگھي.

حال ۾ ٿيل باھ جو واقعو ماضي قريب جي بدترين واقعن مان ھڪ آھي، جتي پنڌرھن ڪلاڪن تائين ڪيئي گھر سڙندا رھيا ۽ ڪنھن به قسم جي مدد جي لاءِ ڪو ادارو پڄي نه سگھيو! ڀلا ظلم جي انتھا ڇا کي چونداسين؟ معصوم ٻار جيئرا سڙي رھيا ھيا ۽ واسطيدار اداري جي مشنري توڙي عملو خبر ناھي ڪھڙي وڏيري جي اوطاق تي حاضري ۾ رڌل ھيو. عجيب بيحسي جو عالم برپا آھي، جنھن ۾ باھ ۾ سڙي ڪوئلو ٿيل معصوم ٻار مائرن جي ھنجن ۾ آھن، نوجوانن رک ٿيل لاش کڄندا رھيا، چوپايو مال سڙي خاڪ ٿي ويو ۽ اميدن سان ٺاھيل ڀونگا سڙي پٽ پئجي ويا پر وڏي عرصي تائين متاثرين کي ڪنھن به قسم جي  سرڪاري مدد رسي نه سگھي. ممڪن آھي ته اسان جا اڳواڻ وڏي سياسي ڳنڍ جوڙ ۾ آھن ۽ انھن وٽ عام ماڻھو جي لاءِ وقت نه ھجي پر انھن کي ڊڄڻ گھرجي ان ڏينھن کان جنھن ڏينھن عام ماڻھو کي پنھنجي اھميت جي خبر پئجي ويندي. يقينن جنھن ڏينھن عام ماڻھو کي پنھنجي اھميت جي  خبر پوندي، ان ڏينھن ڪيترن ئي مغرور ادارن ۽ انڌن حڪمرانن کي به پنھنجي نااهليءَ جي خبر پئجي ويندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.