چئُه! جو توکي چوڻو آ……

محمد اسماعيل لانگاھ

قصو ڪاڇي جي تباهه ٿيل روڊن جو ….

پ پ  جي سنڌ ۾ روڊن جي حوالي سان ڪابه بهتر رٿا بندي ،نظام ۽ ڪارڪردگي ڪٿي به نظر نه پئي اچي جنهن جو سبب آهي هرروز ٿيندڙ خوفناڪ روڊن جا حادثا آھن، سنڌ ۾ ننڍن ڳوٺن جا روڊ هجن يا شهرن جو  شاهراهون جيڪي هن وقت انسانن لاءِ  موت جي کوھ مثل بڻجي ويا آهن ننڍن ڳوٺن ۽ ٻھراڙي سنڌ ۾ روڊن کي مورڳو ٺاهيو نه ويو جنهن سبب اهي مسافرن لاءِ  موت مثل بڻيل آھن ۽ شهرن جي وڏن شاهراهن کي ٺاهيو ته ويو آهي پر انهن تي نيشنل هاء وي اٿارٽي جون ڪي به ذميواريون نه هئڻ هرنئين ڏينهن ڪٿان نه ڪٿان ڀيانڪ روڊ حادثن جون خبرون  ڏسندي ٻڌندي ئي هانءُ  ڏري ۽ جُهري ٿو پوي ترقي پذير ملڪن جي نظام کان متعارف اسان جا حڪمران پنهنجي ادارن ۽ کاتن جي ڪارڪردگين کي آخر ڪڏھن بهتر بنائيندا جو خاص طور روڊن جي نظام کي جن تي حادثن وسيلي ڪيترائي بيقصور انسان موت جي ابدي ننڊ سمهاريا ويا آهن

بنيادي سهولت روڊن جو ذڪر ڪيون ٿا ته انتهائي حيرت ۽ ڏُک ٿو ٿئي ته آخر 72 سالن جي عرصي ۾ ڪاڇي جي عوام کي روڊ به ٺھرائي نه ڏنا ويا ڪاڇي جا علائقا اڪثر ڪري وسيع تر بياباني ۽ جابلو علائقا آهن جتي روڊن جو سهولتون شهرن سان مواصلاتي نظام کي بحال رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪنٿا ڪاڇي جا روڊ هتان جي هزارين رهواسن لاءِ  ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکنٿا، روڊ ئي ماڻھن جو جياپو آهن روڊن سان ئي هتان جون سموريون سهولتون سلهاڙيل آهن، شهرن تائين اچ وڃ بيمارن کي تڪڙو وڏين اسپتالن تائين پهچائڻ کاڌ خوراڪ جي شين جي شهرن کان جبلن تائين درآمد توڙي برآمد ۾ ڪاڇي جي روڊن جو وڏو ڪردار رهيو آهي جنهن سبب شهرن ۾ ترقي ۽ رونقون ٿين ٿيون روڊن وسيلي ڪاڇي جي سبزي مارڪيٽن تائين پهچائي هتان جا غريب هاري مزدور آبادگار گهرن جو گاڏو هلائين ٿا، پر سنڌ سرڪار ڪاڇي جي هزارين عوام کي هي سهولت مهيا ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ڪاڇي جي هزارين ماڻھن جي ووٽن تان دادو ضلعي ۽ جوهي تعلقي جي چونڊيل نمائندن کي سڀ کان وڏي سپورٽ ٿيندي رهي آهي ۽ موجوده وزير اعلي سنڌ مراد علي شاه ڪيترائي تڪ ڪاڇي ۾ اچن ٿا، پر بدقسمتي سان ڪاڇي واسين کي هن بنيادي سهولت کان محروم رکڻ جو سبب نٿو ٻُڌايو وڃي برساتون ته رحمت هجن ٿيون پر رستن جي اڻھوند سبب ڪاڇي واسي هن وقت ان فڪر ۾ ورتل آھن ته الله ڪري برسات نه پوي  برسات نه پوڻ ۽ پوڻ، ڪيتري فائديمند  هجي ٿي آخر ڪاڇي واسي برسات پوڻ  کان ايترا بيزار ڇو ٿي ويا آهن  جنهن جو وڏو ۽ اهم سبب آهي برساتن سبب ڪاڇي جو دادو ۽ جوهي تعلقي کان ٽرانسپورٽ رابطو معطل ٿي وڃي ٿو ماڻھن جهڙي نموني بيزار ٿي ويا آهن 

سوشل ميڊيا جو جديد دور آهي پ پ سرڪار سان سلهاڙيل سمورن سپورٽر ڪاڇي واسين سان ٿيندڙ ڪلور اکين سان براهه راست ڏسن پيا  پر مجال آ جو انتظاميا طرفان  ڪو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي سموري ضلعي انتظاميا توڙي تڪ جا چونڊيل نمائندا بخوبي واقف آهن ته ڪاڇي ۾ ڪيتري قدر ترقي ٿي آهي ۽ انجو اندازو روڊن جي زبون حالي مان لڳائي سگهجي ٿو ڪاڇي واسين کي فائدي جي ڪابه اميد نه پئي نظر اچي ڇو ته هن وقت ڪاڇي جا  فصل جنهن جي فوري طور مارڪيٽن تائين رسائي لاءِ  رستن جو بهتر هئڻ لازمي آهي جنهن جو مارڪيٽن تائين وقت سر نه پهچڻ سبب نقصان ٿين ٿا ۽ ايمرجنسي ۾ شهرن تائين پهچڻ ۾جيڪي ڏُکيائيون ٿين ٿيون اها سنڌ سرڪار بخوبي واقف آهي

پ پ صرف جاگيردارن ۽ سردارن کي خوش رکڻ چاهي ٿي ۽ ھُن کي عوام جي تڪليفن جو ڪوبه اونو ناهي جيڪڏھن ٿورو به قياس پ پ قيادت کي هجي هاته شايد ڪاڇي جي روڊن جي اهڙي بدتر حالت نه هجي ها اذيتون صرف عوام کائيندي رهي آهي، هتان جا چونڊيل نمائندا صرف عيش واريون زندگيون گذاري رهيا آهن  ڪاڇي جو عوام هن وقت ڄاڻي چُڪو آهي ته پ پ مان ڀلائي جي اميد ٻٻُرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي ڪاڇي ۾ روڊن جي حوالي سان پ پ سرڪار وٽ ڪابه جامع منصوبه بندي ناهي جنهن ڪري هتان جي هزارين رهواسين جو معمولي برساتن سبب پنج پنج ڏينهن تائين ٽرانسپورٽ رابطو ڪٽجي وڃڻ سان ڪيتريون تڪليفون پيش اچن ٿيون دنيا ۾ جتي به ڏسجي ترقي ۽ خوشحالي آهي ته اها صرف روڊن جي بهتر نظام سان ٿي آهي، پر ڪاڇي واسي اڄ به انهي بنيادي سهولت کان وانجهيل آھن پر سرڪار جو ڪوبه توجهھ ناهي روڊن جي حوالي سان سنڌ سرڪار جي ڪابه ڪارڪردگي ويجهڙائي ۾ نه ڪئي وئي آهي.

پروانشل ۽ روڊس کاتي جي آشيرواد سان ڪاڇي جي روڊن جي اسڪيمن جا ورهين کان اربين رپيا نين اسڪيمن توڙي ريپيئرنگ جي مد ۾ هڙپ ڪيا ويا سنڌ حڪومت جيڪڏھن پنهنجي صوبي اندر عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام رهي ته ڪاڇي جهڙن جهڙن علائقن جو الله واهي پ پ قيادت لاءِ  اهو بهتر آهي ته هتان جي ماڻھن جو جياپو معياري روڊ ئي هجڻ لازمي آهن  گذريل ڪيترن ئي ورهين کان ڪاڇي جي تاريخي شهر ڊرگھه بالا سميت ٻين ڳوٺن جا روڊ مڪمل طرح تباه ٿيل آھن جنهن جي مرمتي ڪمن کي سنجيده نموني دلچسپي وٺي ٺھرايا وڃن جيئن ڪاڇي واسين جون مشڪلاتون گهٽجي سگهن علائقو ترقي طرف گامزن ٿي سگهي 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.