23 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

فقير محمد سنڌي

¨ 23 اپريل 1616ع تي انگريزي شاعر ۽ مصنف وليم شيڪسپيئر جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 23 اپريل 1850ع تي انگريزي جو مشھور شاعر وليم ورڊس ورٿ جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 23 اپريل 1858ع تي نوبل انعامي يافته جرمن ماهر طبيعات ميڪس پلانڪ جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 23 اپريل 1899ع تي مخدوم غلام حيدر صديقي، قريشي هالا نوان ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.

¨ ٺي جو نالو محمد سعيد هئس. پاڻ حضرت غوث مخدوم نوح رحه جو چوڏهون سجاده نشين هو.

¨ 23 اپريل 1965ع تي ناليواري صحافي،  ليکڪ ۽ ڪالم نگار زرار پيرزادي ٻلهڙيجي ۾ لطيف شناس، صحافي ۽ليکڪ انور پيرزادو جي گهر جنم ورتو.

¨ 23 اپريل 1968ع تي عظيم موسيقار ۽ گويو استاد بڙي غلام علي خان جو لاڏاڻو ٿيو.

¨ 23 اپريل 1982ع تي پروفيسر يوسف سليم چشتي جي ڪتاب ”تاريخ تصوف“ کي ضبط ڪيو ويو.

¨ 23 اپريل 1984ع تي ايڊز جو سبب بڻجندڙ خطرناڪ ايڇ.آءِ.وي، وائرس دريافت ٿيو.

¨ 23 اپريل 1986ع تي سلامتي ڪائونسل ۾ لبيا تي آمريڪي حملي خلاف قرارداد کي ويٽو ڪيو ويو.

¨ 23 اپريل 1988ع تي مشھور غزل گو شاعر درگاهي ميراڻي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.

¨ 23 اپريل 1990ع تي نميبيا گڏيل قومن جو 160 هون ۽ دولت مشترڪه 50هون ميمبر بڻيو.

¨ 23 اپريل 1992ع تي اڪيڊمي ايوارڊ يافته ڀارتي اداڪار ۽ فلمساز ستيا جيت راءِ جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 23 اپريل 1998ع تي آمريڪي انساني حقن جي اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جو قاتل، جيمس ارل راءِ جيل ۾ فوت ٿي ويو.

¨ 23 اپريل 1999ع تي سنڌ جو نالي وارو ڪاڻيڪار ڪيھر شوڪت لاڏاڻو ڪيو، آخري آرامگاهه ڳوٺ آگاڻي لاڙڪاڻي ۾ اٿس.

¨ 23 اپريل 2002ع تي اردو زبان جو مشھور نقاد، شاعر، صحافي ۽ مترجم تاج سعيد،جو وڇوڙو پشاور ۾ ٿيو.

¨ 23 اپريل 2006ع تي القاعده سربراهه اسامه بن لادن، عيسائين خلاف جھاد جو اعلان ڪيو.

¨ 23 اپريل 2007ع تي آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا اسٽيريو خلائي جهاز مان سج جون پهرين 3D تصويرون جاري ڪيون.

¨ 23 اپريل 2013ع تي طالبان جي باني ملا عمر جو بيماريءَ سبب زابل صوبي افغانستان ۾  موت واقعي ٿيو.

¨

¨

¨

¨

¨

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.