سول نافرماني جهڙي سياسي مهم 

ميڊيا، ماڻهو، ملڪي ادارا، بين الاقوامي نريٽو، ماڻهن جو سافٽ ڪارنر، ماڻهن جو ايمان يا سياسي دل ۽ دماغ به ورهائجي ويا آهن، معنيٰ رڳو هڪ سياسي ٺڪاءُ ٿئي يا ڪو اهڙو معاملو جنهن ۾ آمريڪا يا اسرائيل جي ڳالھه  هجي ته اسان ورهائجي ٻه اڌ ٿي ٿا وڃون هڪڙا نيگيٽو ته ٻيا پازيٽو، اسان وڪالت نه ٿا ڪيون پر شيون ته سامهون آهن جو ان رات ڪورٽ جڏهن کلي ته ان جي پٺيان جيڪو محرڪ هيو اهو اهيو هيو جو ان رات واري اسيمبلي جي ڪاروائي روڪرائڻ جي لاءِ اجلاس جو وقفو ڪرائي رات جو ساڍي نائين وڳي اجلاس ڪوٺائي خان ڪهڙي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪئي، ۽ رات جو 10 وڳي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي ان ڳالھه  يا ضد تي بيهارڻ ڪهڙي جمهوري روايت هئي، اسان ڪنهن جي پاس خاطري نه ٿا ڪيون پر ڳالھه  نيوٽرل (عمران خان وارو نيوٽرل نه) ته ڪري سگهجي ٿي ڇو ته نوازشريف ڀيري به اهي ئي عدالتون هيون، نوازشريف جي 1993 واري دور ڀيري به اهي ئي عدالتون هيون (ڀٽي صاحب وارو عدالتي ڪيس ٻي ڳالھه  آهي) پر جڏهن جمهوريت، ادارا، عسڪري قوتون، بيروني پاليسيون پنهنجي ٽريڪ تي هلن ٿيون ته ان سڄي وارتا ۾ اهڙي هلڙبازي ۽ ڦشري جنهن ۾ رڳو اهو بيانيو سامهون ٿو اچي ته جيڪڏهن عدالتون خان جي حق يا پاسي بيهي فيصلو ڏين ته صحيح آهي ۽ جيڪڏهن خان جي مرضي وٽان فيصلو نه اچي ته ڳالھه  ڳچي ۾، پوءِ هن جي نظر ۾ سڀ غلط آهن، شخصن کي نندي سگهجي ٿو، چونڊون چيلينج ڪري  سگهجن ٿيون، معاملا اٿاري ۽ اڀاري سگهجن ٿا، پنهنجو سياسي بيان چٽو ٻڌائي سگهجي ٿو، پر سول نافرماني، عوام کي ان ڳالھه  تي مڇرائڻ، يا ڪراچي جو شهر هڪ ڏينهن ۾ بند ڪرائڻ جهڙيون ڌمڪيون ته ڪنهن ڀيانڪ ماضي ڏي وٺي ٿيون وڃن يا هي به ڪراچي اسٽائيل واري دفن ٿيل سياست وري اڀاريندا، جڏهن جڏهن خان مايوس ٿي روڊن تي ايندو، نااميد ٿي ڪنٽينرن تي ايندو ته سول نافرماني ٿيندي يا ڪندو.

نون ليگ جمائما جي گهر تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ پي ٽي آءِ وارن نوازشريف جي گهر تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، معنيٰ جڏهن کان پي ٽي آءِ وارن جي حڪومت آئي آهي اسان وٽ ته سياست نوان ڪلچر کڻي آهي، معنيٰ پي ٽي آءِ جا اڌ کان وڌيڪ سپورٽر ٻاهرين ملڪن ۾ آهن، شاھ محمود قريشي کان وٺي خان جا پنهنجا ٻار ٻاهرين ملڪن ۾ اتان جي پاسپورٽ تي رهيا پيا آهن پر هي هتي اهڙي سياست يا نفرت ٿا پکيڙڻ جو ماڻهو جيڪي پي ٽي آءِ جي طرف آهن اهي پاڻ کي پڪو مسلمان ٿا سمجهن يا جيڪي پي ٽي آءِ جا سپورٽر ناهن اهي ڄڻ اسلام جي دائري مان خارج ٿي ٿا وڃن يا ان کان پهرين به هن اهڙو نريٽو ڪريئيٽ ڪيو هيو جو سڀ ماڻهو چاهن پيا ته هن شخص کي چندو ڪري ڏجي جو هي نئين پاڪستان جو وجود وجهي ۽ پراڻي پاڪستان مان جان ڇٽي ان ڪري ته پراڻي پاڪستان جي دنيا ڀر ۾ عزت نيلام ٿي وئي آهي هاڻي ڪجھه نئون ٿيڻ يا اچڻ کپي ان ڪري ماڻهن جو جوش ان وقت به ڏسڻ وٽان هيو ۽ هاڻي به مذهبي نريٽو کڻي ميدان ۾ لٿو آهي، ماڻهو اهو ٿا سمجهن ته هي صحيح ٿو چئي ان ڪري اسان هن مهل تائين اڻ ڄاڻ ۽ بي خبر غلامي واري زندگي پيا گذاريون ان ڪري ملڪ هاڻي نئون ٺهيو الائي اڌ ۾ رهجي ويو پر هاڻي نئين سر ايمان جي تجديد جو وقت اچي ويو آهي ان ڪري وري هڪ دفعو خان جي چوڻ تي آمنا صدقنا چوڻ گهرجي نه ته ايمان جي ان حالت کان به وينداسين جو سڀاڻي جنت ۽ دوزخ جا سودا به نه ڪري سگهون.

سول نافرماني تي عوام کي ڇو ٿو اڪسائي، ان کان پهرين به جڏهن پاڻ ڪنٽينرن تي بيهي بجلي ۽ گيس جا بل ڦاڙيندو هيو يا چوندو هيو ته جي مهانگائي آهي ته معنيٰ حڪمران ڪرپٽ آهن، پر هن جي دور ۾ مهانگائي جو عروج رهيو پوءِ هن شخص کي ڪهڙي دائري ۾ آڻيون، اها ڳالھه  به واضع آهي ته هن سرڪار (شهبازشريف) جي لاءِ ڪو سيج وڇايل ناهي، جنهن جو مسئلو جيترو هن سرڪار جي لاءِ آهي اوترو عوام جي لاءِ به آهي پر انهن سڀني شين جي پاڙ ته گذريل سرڪار هجي ٿي ان ڪري خان ان ڳالھه  مان ان ڪري به جان نه ٿو ڇڏائي سگهي ڇو ته جيئن هي سرڪار ۾ اچڻ سان چوندو هيو ته اڳين حڪومتن ڪجھه نه ڪيو هاڻي هي به چون ٿا ته هي پنهنجي ساڍن ٽن سالن ۾ گذريل 75 سالن کان به وڌيڪ قرض وٺي خان قوم کي ان نور کان به نئين ويو آهي، پر هي ته اڃان ماڻهن کي اسلام جي نالي تي ڦُري ٿو، جنهن ماڻهو کي صلي الله عليه وسلم ۽ خاتم النبّين چوڻ نه اچي اهو اسلام جي جنگ وڙهندو، هونءَ به تاريخ ڏسون ته هي ڪڏهن مشرف جي ها ۾ ها ٿو ملائي ته مشرف ڀلي طالبان تي حملا ڪري، وري پاڻ طالبان سان ملي هٿيارن سان ڦوٽون ڪڍارئي طالبان سان ”سمپٿي“ ظاهر ڪندو آهي، وري آمريڪا کي جيڪڏهن ڪنڊيم ٿو ڪري ته پاڻ وري ڪراچي واري جلسي ۾ آمريڪا جي حامي ٿو ڀري، هونءَ چوندا آهن ته آمريڪا جي دوستي معني ”ڊومور“ ۽ آمريڪا جي دشمني پوءِ ان ڳالھه  ۾ ڀلي آهي، يا ڪڏهن آمريڪا (جوبائيڊن جي دور ۾) اڏن گهرڻ جي ڳالھه  نه ڪئي، نه آمريڪا (جوبائيڊن) هن سان فون تي ڳالهائڻ پسند ڪيو، پوءِ جڏهن ٽرمپ هيو ته هي ٺينگ ٽپا ڏيندو هيو ته هاڻي سڀ صحيح آهي، يا جوبائيڊن جمائما جي ويجهي يا ڄاڻ سڃاڻ جي ڪري هي چوندو هيو ته هاڻي جوبائيڊن هن جي ٻڌندو ۽ آمريڪا سان ڀلا ناتا هلائي سگهجن ٿا، پر اسان وٽ هڪ ڳالھه  خراب ضرور آهي ته جڏهن به اليڪشن اچي ٿي ته سياستدان هڪ بڪواس قسم جو بيانيو کڻي سياسي ٽوڪري ۾ کپائن ٿا، هي ساڳو ئي هيو جيڪو نئون پاڪستان ٺاهڻ هليو هيو جو هن پراڻي پاڪستان جا به لاھ ڪڍي ڇڏيا.

رياست به سياستدانن کي ٻارن وانگو ڊيل ٿي ڪري معنيٰ جيئن ٻار کي چنبو هڻي وري ريجهائجي، هي به ڏکيا فيصلا ڏئي وري ان کي ريجهائن ٿا، پر رياست جي خلاف پروپيگينڊا ته خراب ڪم آهي، معنيٰ ٻاهرين ملڪن کي اهو ميسيج آهي ته اسان جا افعال رڳو هن ڳالھه  جي ڪري خراب آهن يا رڳو هن معاملي جي ڪري وچڙيل آهن، ٽرمپ جي 21 جنوري 2021 تي ڊٺ هڻي بيهي رهيو هيو، هو به آئين کي نه پيو مڃي هن جو به اهو ئي ضد هيو ته هو اليڪشن کي نه ٿو مڃي ۽ هن جي خلاف ڌانڌلي ٿي آهي، هن جي خلاف روس ۽ ٻين اينٽي آمريڪن فورسز چال هلي هن جي سرڪار جو تختو اونڌو ڪيو آهي نه ته هي ٽرمپ به ٻه دور ڪڍي وڃي هان، هي ٽرمپ به اليڪشن کٽي وڃي ها، ان ڪري هي هاڻي ڪرسي جي مٽاسٽا آساني سان نه ڪندو هيءُ ڪنهن به طرح آمريڪي ۽ ڪانگريس جي آئين کي مڃي به ٿو، ان ڪري ڪانگريس زوريءَ 25 ترميم ڪئي ۽ صدر واري حلف نامي کي آپشنل ڪري نائب صدر کي به پاور ڏئي ڇڏين ته ڪڏهن به وقت جو يا لهندڙ يا هاريئندڙ صدر ڪنهن به طرح ناراض ٿي به وڃي ۽ حلف برداري جي تقريب ۾ شامل نه ٿئي ته ان جي بدران نائب صدر به اهو ڪم ڪري سگهي ٿو، پوءِ ٽرمپ جو ڇا ٿيو، ان ڪهڙي ٻي پارٽي ٺاهي يا رانديگر وارو ضد ڪري ڇا مليس.

عوام ۾ بيهي اهو چوڻ ته روا ناهي ته هن جي مٿان ڪو به ڪيس هلايو ويو ته هي ڪجھه به ڪندو، هاڻي اهو اين آر او ناهي جو عوام جي هجوم ۾ بيهي اها ڳالھه  ڪرڻ، يا پاڻ سدائين اها ڳالھه  ڪندو هيو ته هي پي ڊي ايم وارا جلسا ان ڪري ٿا ڪن جو چاهن ٿا ته هنن کي اين آر او ڏنو وڃي، يا ”مين ان کو رلائونگا“ واري ڳالھه  ته وسريس نه، يا اهو چوڻ ته جي فارين فنڊنگ تي فيصلو ڏنوَ ته مان ڪجھه به ڪندم، ڇو ته هي اها ڳالھه  به مڃي ٿو ته بوزدار کي وزيراعلي بڻائڻ هن جي غلطي هئي، يا جسٽس فائز عيسيٰ تي ڪيس هلائڻ هن جي مها غلطي هئي، توشاخانا جا ڪجهھ تحفا جي هن کنيا به آهن ته ان ۾ ڇاهي؟ (پر انهن تحفن کي دبئي ۾ کپائڻ ڪهڙي ڏاهپ هئي يا هن شخص سان ڪو معاشي مسئلو هيو جو هن ائين ڪيو) يا ڊالر تي ڪنٽرول نه ڪرڻ هن جي غلطي هئي، هي ڳالھه  مڃي ٿو ته هن پاڻ ڊالر کي مٿي ڪيو، هن جي هٿ ۾ هيو يا ان مافيا کي هي پاڻ سڃاڻي پيو ڇو ته جيئن هن جي مخصوص ماڻهن کي فائدو ملي، پيٽرول مافيا جي چوڻ تي هڪ ڌڪ 25 روپيا وڌائڻ به غلطي هئي، ڊسڪا اليڪشن ۾ اليڪشن ڪميشنر کي هڻائڻ غلطي هئي، مخالفن جي ڪنهن ماڻهو کي نه ڇڏيائين جنهن کي جيل نه ڪرايائين، جڏهن ته جي اهو ڪم نوازليگ وارا ڪن ته ٺهي ٿو يا زرداري ليگ نوازليگ تي ڪري ته ٺهي ٿو ڇو ته اهي بدلي جي سياست ڪندا هيا (هاڻي کڻي بس ڪئي اٿن) پر انهن هن جو ڪهڙو ڏوھ ڪيو ڇو ته جتي جتي هن مخالفن کي ڏٺو انهن کي اتي اتي چٿيائين، پر هاڻي ته ساڳو رويو هي به ايڪسپيڪٽ (اميد) ڪري، ان ڪري هي به هاڻي مذهبي گروھ بڻجي سياست ٿو ڪري جيڪو ڪورٽن کان وٺي، عسڪري ادارن کان وٺي آمريڪا ۽ اسرائيل جي خلاف ڳالهائي ووٽ ڪَٺا ٿو ڪري.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.