سريلنڪا ۾ ڇا ٿي رھيو آھي ۽ ڇو ٿي رهيو آهي

علي حيدر ميمڻ

سريلنڪا ٻيٽ ھن وقت پنھنجي تاريخ جي بدترين دور مان گذري رھيو آھي، اقتصادي بحران ايڏو ته شديد آھي جو اتي جي حڪومت بيروني قرض ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪي آھي ۽ اتي جي رھواسين وٽ کائڻ لاءِ سٺي کوراڪ ڪونھي، بجلي، گيس ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو ڏني وڃي ٿي، اسڪولن جا امتحان ملتوي ڪيا ويا ڇو ته امتحان وٺڻ لاءِ ڪاپيون، پنا ڪونھ آھين. اتي جا رھواسي پنھنجي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آھين ۽ وڏي تعداد ۾ عوام پنھنجي حڪمران خلاف روڊن رستن تي گڏ ٿي وئي آھي، جڏھن ته اتي جي حڪومت جا 26 منسٽر پنھنجن وزارتن تان ھٿ کڻي ويا، پر اتي جي صدر ۽ وزيراعظم (جيڪي پاڻ ۾ ڀائر آھين) ملڪ کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آھين. انھن سمرين حالتن کي نظر ۾ رکي سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته اهي بحران ڪئين پيدا ٿيا ۽ انھن جو ذميوار ڪير آھي؟

انھن سمورين حالتن جا چار اھم ڪارڻ ظاھري نظر اچن ٿا، پھريون ڪارڻ جيڪو امريڪا طرفان ٻڌايو پيو وڃي، سو اهو  آھي ته چين سريلنڪا کي پنھنجو قرضي ڪري پنھنجا سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ڇو جو اڪثر وڏا ملڪ ننڊن ملڪن کي قرض ڏيندا آھين پوءِ جڏھن ننڊا ملڪ پنھنجو قرض واپس نه ڪري سگھندا آھين ته بدلي ۾ پنھنجي زمين قرض جي ادائيگي جي صورت ۾ لکي ڏيندا آھين ھتي به ڪجھ ائين ٿيو چين سريلنڪا جي ھڪ Port کي تيار ڪرڻ ۾ وڌو پيسو Invest ڪيو پر جڏھن سريلنڪا اهو پيسو واپس نه ڪري سگھيو ته چين اھو port پاڻ وٽ Leace تي رکي چڏيو.

ٻيو ڪارڻ اهو ته جڏھن 2019 جي اليڪشن ۾ سريلنڪا جي Sri Lanka People’s Front Party اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي تنھن کان پوء اتي جو وزيراعظم Mohinda Rajapaksa چونڊيو ويو۽ پوءِ صدر به سندس ڀاءُ Gotabaya Rajapaksa کي ڪيو ويو.SPF Party پنھنجي اليڪشن دوران ماڻھن سان وعدا ڪيا ته ھي ماڻھن تي ٽيڪس گھٽ ڪندا ۽ ملڪ جي اقتصادي حالتن کي ترقي ڏانھن وٺي ويندا پر نئين حڪومت جي فيصلن عوام کي وڌيڪ بحرانن ۾ ڌڪيو، حڪومت پنھنجي واعدي پوري ڪرڻ جي چڪر ۾ ملڪ ۾ وڪرو ٿيندڙ شين تي ٽيڪس کي 15 فيصد کان گھٽائي 8 فيصد ڪري ڇڏيو جنھن سان ملڪ ۾ 2 فيصد GDP ۾ ڪمي آئي ۽ ملڪ جي اقتصادي حالتن کي وڏو نقصان رسيو ۽ اهو ٻيو ڪارڻ ثابت ٿيو اڄ جھڙيون حالتون قائم ڪرڻ ۾،ٽيو ڪارڻ سريلنڪا جي سياحت، سريلنڪا ھڪ خوبصورت ٻيٽ آھي تنھن ڪري دنيا ڀر جا ماڻھو اتي گمهڻ اچن ٿا ۽ انھن ماڻھن جي اچڻ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ پيسو اچي ٿو سريلنڪا جي 11-12 فيصد GDP سياحت تي ٻڌل آھي، پر سرلنڪا جي سياحت کي گھٽ ڪرڻ ۾ ٻن واقعن جو ڪردار رھيو ھڪ ته 2019 ۾ گرجا گهرن تي خودڪش حملا ٿي ويا جنھن ۾ ٻه سو کان وڌيڪ ماڻھو مارجي ويا ان معاملي پوري دنيا جي سياحن کي خوف ۾ مبتلا ڪيو ۽ سياحن جي اچڻ تعداد گھڻو ٿيندو  ويو ۽ ٻي وجه Covid وبا جنھن پوري دنيا سميت سريلنڪا جي سياحت تي وڌو منفي اثر وڌو، ان اندازي سان ملڪ جيڪا ڪمائي سياحت مان ڪندو ھيو سا ھاڻ نه ھجڻ برابر ٿي وئي.

 چوٿو ڪارڻ سريلنڪا جي اقتصادي بحران جو "حڪومتي پروگرام” 2021 ۾ سريلنڪا جي حڪومت طرفان ملڪ جي زراعتي پيداوار کي Organic ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنھن جو مطلب ھاڻ ته سريلنڪا جا ھاري فصلن تي ھٿرادو ٺيل ڪيڙا مار دوائون استعمال نه ڪندا، ڇو ته ھڪ سال ۾ 400US Dollar جو synthetic fertilizer and pesticides ملڪ ۾ import ٿينديون ھيون، تنھن ڪري حڪومت سوچو ته ان پروگرام ذريعي import کي گھٽ ڪبو ۽ ملڪ ترقي ڪندو پر حڪومت جو ھي فيصلو به ڪامياب نه ٿي سگھيو، ان فيصلي کان پھرين سريلنڪا ملڪ کان ٻاھر tea ۽ coffee جو ويڪرو ڪندو ھيو پر ھاڻ انھن وٽ پنھنجي ملڪ لاءِ پورت ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو، ٻئي پاسي چانور به پھرين ملڪ م ٿيندا ھئا پر پوءِ اھي به ٻاھران Import ڪرڻا پيا ان سموري فيصلي جو نتيجو به ملڪ جي اقتصادي حالتن کي پٺ تي ڌڪيو ۽ انھن چئين ڪارڻن ڪري ملڪ اڄ پنھنجي تاريخ جي بدترين دور مان گذري رھيو آھي.

 ھاڻ سريلنڪا انڊيا ۽ آءِ ايم ايف کي ھٿ جوڙي رھيو آھي ته سندس مدد ڪئي وڃي، ھينئر سريلنڪا وٽ بس ايترو پيسو موجود آھي جو پنھنجي ملڪ لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪري، اھڙن ملڪن کان پاڪستان جھڙن ملڪن کي به سبق حاصل ڪرڻ گھرجي ته ملڪ ڪيئن ڪونھ ھلائيبو آھي ؟

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.