سنڌ جي تعليمي ادارن جي صورتحال جو ڪيس

سنڌ جي اعليٰ عدالت ۾ هڪ اهم ڪيس پهتو آهي، جيڪي به ماڻهون تعليم بابت احساس رکن ٿا ۽ هن سماج جي هيٺين ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکن ٿا ۽انهن کي پنهنجن ٻارن جي مستقبل جو فڪر آهي  انهن جي لاءِ  هي اهميت رکندڙ ڪيس آهي.

سماجي تنظيمن پاران مختلف درخواستون داخل ڪيون ويون آهن،جنهن ۾ تعليم ادارن جي سڌاري، اسڪولن جي حالت ۽ مفت تعليم جي پاسن کي درخواستن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس يوسف سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ جي تعليمي ادارن جي صورتحال ۽ مفت تعليم جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته عدالت کي ٻڌايو وڃي ته ڪيترا اسڪول بند آهن ۽ ڪيترا اسڪول وڃڻ جي عمر وارا ٻار اسڪولن ۾ داخل نه  آهن؟ جنهن تي سيڪريٽري تعليم عدالت ۾ پيش ٿيو، هن  چيو ته اسان بند اسڪول کولڻ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. جنهن تي  چيف جسٽس  چيو ته، عدالت کي  توهان  رڪارڊ فراهم ڪيو ته ضلعي سطح تي ڪيترا اسڪول بند آهن ۽عدالت حڪم ڏنو ته اهڙو رڪارڊ مهيني جي اندر ڏنو وڃي.ان دوران  چيف جسٽس چيو، تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي چيو، ته توهان جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ته توهان کي ڪا پرواهه هجي، سيڪريٽري کي ڇا آهي، هن جا ٻار ته ڪئنيڊا هليا ويندا.  عدالت ايندڙ  سماعت  وڌيڪ  19 تي مقرر ڪندي تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پهرين ته اها تمام بهترين ڳالهه آهي جو سنڌ م ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن ۾ وقت سان گڏ اها سوچ پيدا ٿي رهي آهي ته اهي سماج جي اهم مسئلن تي عدالت جو در کڙڪائي رهيا آهن.

سنڌ جي تعليم جي صورتحال تي وقت بوقت مختلف ڌرين پاران دانهون ٿينديون رهيون آهن، اها ڳالهه سرڪاري سطح تي پڻ سڌي يا اڻسڌي طريقي سان به قبولي وئي آهي ته سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال گهڻي خراب آهي، هن اهم معاملي جو هڪ هلڪو خاڪو ته ايئن جوڙي سگهجي ٿو ته هن وقت سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ صرف اهي ٻار ئي پڙهن ٿا جن جي مائٽن ۾ خانگي اسڪولن جي فين ڀرڻ جي مالي سهپ نه آهي. ٻيو ته سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ نجي اسڪولن جو اهڙو ته مضبوط ڄار وڇائجي چڪو آهي جنهن کي روڪڻ ممڪن ئي نه آهي، ان ۾ سرڪار به هنن جي هر طرح سان سهڪاري آهي، ان جو اڃان به هڪ ٻيو دلچسپ پاسو آهي ته جيڪي ماڻهون بنهه مالي طاقت نٿا رکن انهن جا ٻار هر هنڌ چندن سان ٺاهيل مدرسن ۾ داخل ٿين ٿا. اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي.

هاڻي انهيءَ سموري صورتحال ۾ اسان جي تعليم کاتي کي ڪهڙي ضرورت آهي جو ان تي ويهي پريشان ٿئي ته سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال ڪهڙي آهي يا اسڪول جي عمارتن کي چوديواري آهي يا اتي واش رومز آهن، ڪنهن کي اهو به فڪر نه آهي ته گرمين ۾ انهن اسڪولن ۾ پنکا به آهن ۽ جي اهي سڀ شيون موجود به آهن ته اهي فنڪشنل به آهن يا نه آهن.

اهو هڪ وڏو اليمو آهي ته جيئن ڪو غريب انتهائي بيوسي ۾ سرڪاري اسپتالن جو رخ ڪري ٿو، ايئن جنهن جو ڪو وس نٿو پڄي اهو ئي پنهنجن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا سرڪاري تعليمي ادارا ڪڏهن به سرڪار جي ترجيح يا اوليت نه رهيا آهن.

جڏهن سرڪاري کاتا پنهنجا ڪم درست طرح سان ادا نه ڪندا هوندا آهن تڏهن اهي عدليه ۾ بحث هيٺ ايندا آهن،هن وقت دنيا هڪ جديد دور ۾ داخل ٿي وئي آهي پر سنڌ ۾ اسان اڄ به ڪنهن پراڻي دور ۾ رهندي محسوس ڪريون ٿا.

جيڪڏهن حڪومت ڪو اهڙو قانون جوڙي ته سرڪاري اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن جي لاءِ اهو لازمي قرار ڏجي ته اهي  پنهنجو ۽ پنهنجن مٽن مائٽن جو علاج معالج صرف ۽صرف سرڪاري اسپتالن مان ئي ڪرائيندا ۽ اهو به ته جيڪي به استاد تعليمي ادارن ۾ ملازم آهن سي پنهنجن ٻارن کي هر حال ۾ سرڪاري ادارن ۾ ئي پڙهائيندا ته پوءِ شايد ان جو ڪو حل نڪري سگهي، پر هن اڻبرابري ۽طبقاتي سماج ۾ هر ڪلاس جي ماڻهن جي ڪوشش هوندي آهي ته هو پنهنجي ڪلاس موجب تعليم پرائي ۽ علاج ڪرائي ته پوءِ ان ۾ ڪنهن وڏي ڦيري يا سڌاري جو امڪان گهڻو ڏکيو نظر اچي رهيو آهي. عدالت اهو اهم سوال اٿاريو آهي ته جيڪڏهن سيڪريٽري تعليم جا ٻار به انهن اسڪولن ۾ داخل هجن ته پوءِ ئي تعليم جي معيار ۽ تعليمي سهولتن ڏانهن سرڪار ۽ ڪامورا ڌيان ڏين.

تعليم واري سڪريٽري کي هڪ مثال ڪري وٺجي ۽ جي ان جو دائرو ٿورو وڌائجي ته ٻيا ڪامورا به ان ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا. اهڙي صوتحال ۾ ته ٻيو ڪو به رستونظر نٿو اچي.

معزز عدليه جيڪي سوال اٿاريا آهن سي هر حوالي سان اهم آهن،هر کاتي جي ڪارڪردگيءِ کي واضح ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل اداري جي ڪامورن کي ان جي سمورن تفصيلن کان آگاهه هئڻ گهرجي جيئن دپارٽمنيٽ جي پوزيشن  جو پتو پئجي سگهي.

سنڌ م هن وقت ڪيترا اهڙا ٻار اسڪولن ۾ داخل نه آهن جيڪي اسڪول وڃڻ جي عمر جا آهن، اهو به اهم معاملو آهي.

بدقسمتي سان سنڌ ۾ڪا به اهڙي سياسي يا سماجي تنظيم نه آهي جيڪا سنڌ جي اهڙن اهم مسئلن جي درجا بندي ڪري انهن ڪيسن جي اسٽڊي ڪرائي، انهن جي سمورن پاسن جو اڀياس ڪرائي ۽ انهن جي گهربل حل بابت تجويزون مرتب ڪري، هن وقت سنڌ جي خدمت ڪرڻ جو اهو ئي بهترين طريقو آهي ته سنڌ جون گهڻگهريون ڌريون سنڌ جي سمورن اهم معاملن بابت اسٽڊي ڪرائين ۽ ان جو هڪ جامع ڪيس تيار ڪري ان جي ڊيٽا جي بنياد تي ماهرن جي سفارشن جي آڌار تي سرڪار مٿان هر طريقي سان دٻاءَ وجهي ڪري ئي ان جو ڪو حل ڪڍي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.