عمران خان ملڪ جي نظام کان بي خبر ۽ لاتعلق آهي؟

سيد انور شاهه

 ملڪي سياست ۾ اڻ تجربيڪار فردن کي اڳيان آڻي تجربيڪار ڪارڪنن کي انهن جي رحم ڪر۾ تي ڇڏڻ جا خطرناڪ  منفي نتيجا ڪنهن مهم جوئي ڪندڙ کي  ڏسڻا هجن ته اهو گذريل ڏهاڪي دوران ملڪ ۾ بدلجندڙ حالتن جو جائزو وٺي ڏسي سگهي ٿو. ملڪ ۾ تبديليءَ جي تجربي جا اثر ملڪ جي عوام گذريل هڪ مهيني کان ۽ پردي پٺيان، چئن مهينن کان شروع ٿيا هئا، دوران ڏسي ورتا.. يعني جيڪڏهن ملڪي تاريخ جي سمورن تجربن کي گڏ ڪرڻ کانپوءِ ان جو مقابلو  موجوده صورتحال سان ڪجي  ته حقيقتون واضح ٿي وينديون. ان دوران ملڪ جي آئين کي بچائڻ لاءِ ملڪ جي سپريم ڪورٽ کي بي وقتي عدالت لڳائڻي پئي اتي انتظاميه ۽ رياست جي بقا جي ذميوارن کي قيدين جي گاڏي گهرائڻ جي گهڙي به آئي. انهن حالتن جي باوجود ملڪ جا اڻ تجربيڪار  سياستدان جن کي  ملڪ جي ڪاري ۽ اڇي جو مالڪ بڻايو ويو هو، سي گونگائپ واري لاتعلقي  جي مرض کان ٻاهر نه آيا ۽ وري  انهيءَ ئي قوتن کان مدد گهرڻ شروع ڪئي جن خلاف هو ڪالهه تائين سخت ترين زبان استعمال ڪندا رهيا هئا. جيڪا هڪ مهذب سماج لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي، ان حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته پاڪستان جي سمورن مسئلن جو حل رياست جي سمورن ادارن جي پنهنجي پنهنجي دائري ۾ رهڻ ۾ آهي. پر بدقسمتيءَ ملڪ جي بقا ۽ سلامتي جا ضامن، ادارا يعني پارليامينٽ جا رڪن رياست جي ماتحت ادارن  جي مدد لاءِ ڪُل وقت هٿ ڪنهن گداگر جيان ڊگهيريندا رهندا آهن.۽ جيستائين اهو هٿ مروڙيو نه ويندو آهي تيستائين اهو  سلسلو  جاري رهندوآهي.

 ان سلسلي ۾پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان گذريل ڏينهن لاهور ۾ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته غلطي کي سڌارڻ جو واحد رستو فوري چونڊون ڪرائڻ آهي،اسين تيستائين جدوجهد ڪنداسين جيستائين  چونڊن جو اعلان نٿو ڪيو وڃي.ان موقعي تي هن اسلام آباد  ڏانهن مارچ جو اشارو پڻ ڏنو. عوام کي خطاب ڪندي هن چيو ته گهٽين ۽ پاڙن ۾ تياري ڪريو،مان توهان کي اسلام آباد سڏيندس ان لاءِ منهنجي سڏ جو انتظار ڪريو، مان ڪنهن به قسم جو ٽڪراءُ نٿو چاهيان. سندس چوڻ هو ته اسان عهد ڪريون ٿا ته اسين پنهنجي ملڪ ۽قوم جي  حقيقي آزادي ۽ جمهوريت لاءِ  جدوجهد ڪندا رهنداسين.جيستائين چونڊن جو اعلان نٿو ڪيو  وڃي. ان موقعي تي هن چيو ته نه ته غلامي ۽ نه وري امپورٽيڊ حڪومت کي قبول ڪيو ويندو، هاڻي عوام کي خبر پئي آهي ته سليڪٽيڊ حڪومت ڇا هوندي آهي، جيڪا عوام تي ٿاڦي ويندي آهي، اها سليڪٽيڊ حڪومت هوندي آهي. سندس بقول  ته وزيراعظم ٿيڻ سان ئي سندس پهرين ڪوشش هئي ته هو آزاد پرڏيهي پاليسي جوڙي، هن اهڙا فيصلا ڪرڻ پئي گهريا جيڪي عوام جي مفاد ۾ هجن، هڪ فون تي پاڪستان کان ڳالهه قبول ڪرائيندڙ کي آزاد پرڏيهي پاليسي پسند نه آهي.عوام اسان کي ووٽ ڏئي يا نه ڏئي پر  الله جي واسطي هنن لوٽن کي ووٽ نه ڏي.انهن ضمير فروشن کي ڪنهن به تڪ مان کٽڻ ڏنو ته  اوهان ملڪ سان غداري ڪندا، ملڪ جا وڏا ڌاڙيل 30 سالن کان ملڪ لُٽي رهيا هئا،قوم تي مڙهيا ويا آهن،ان دوران هن رياست جي هڪ ٻئي اهم ٿنڀ ميڊيا تي تنقيد ڪندي الزام هنيو ته ميڊيا انهن کي بليڪ آئوٽ ڪري رهي آهي، ان جو سبب مافيا آهي. جنهن ميڊيا هائوسز جي مالڪن کي پاڻ سان ملائي ورتو آهي.ڏٺو وڃي ته عمران خان جو سياسي موت هن طرفان بنا جاچ جوچ جي هر شعبي تي الزام لڳائڻ آهي.  جنهن تي هن خلاف توهين جا ڪيس پڻ هلندڙ آهن. ملڪ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ شخصيتن بعد هن ٻين رياستن تي به الزام هڻڻ شروع ڪيا . جنهن سبب پاڪستان  عالمي اڪيلائيپ جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ جنهن جا منفي اثر هڪ ڊگهي وقت تائين رهي سگهن ٿا. هاڻي هن ميڊيا تي الزام هنيو آهي.

 جي ڏسجي ته پوءِ سندس دور ۾ جنهن انداز ۾ سرڪاري اشتهار ورهايا ويا يا لڳايا ويا، ان جو ته ماضي ۾ ڪو مثال ئي نه ٿو ملي. سندس حڪومت ۾ اشتهار جيڪو هڪ حڪومت جو سڀ کان وڏو هٿيار هوندو آهي، ان جي وڪري جي منڊي لڳي پئي هوندي هئي.جنهن سبب حڪومت ۽ ميڊيا جا لاڳاپا خراب رهيا. ايترو ئي نه پر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نظر وجهون ته سندس حڪومت اتي به زبردستي پنهنجا نمائندا مقرر ڪري رکيا هئا ۽ جيڪي ميڊيا هائوسز سندن ڳالهه نه مڃيندا هئا انهن سا اهڙو رويو اختيار ڪيو ويندو هو  جنهن جو اڳ ڪو  مثال نه ٿو ملي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي عوام ٽيڪس جي پئسي تي ڀرتي ڪيل ماڻهون هر شيءِ کي بنا تحقيق جي ،سڄي دنيا ۾ ڦهلائڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هئا. ان کان علاوه ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سندس جماعت جي ليڊرن جيترا بيانيئا تبديل ڪيا، اهو به عجيب آهي، انهن جو بيانيئو  آمريڪا کان اسٽيبلشمينٽ تائين ۽ هاڻي آخرڪار ميڊيا تائين اچي پهتو آهي.

هن وقت ڏٺو وڃي ته هي جماعت  خود غير پارلياماني قوتن کي، غلطي انهن جي يا پنهنجي، ان جي وضاحت نٿو ڪري ، پر ان کي درست ڪرڻ جي لاءِ هنن کي ميدان ۾ اچڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي. هن جي نئين بيانيئي ، جو مطلب آهي ته جن غلطي ڪئي آهي اهي غلطي کي درست ڪندي وري  ٻيهر اقتدار هن جي حوالي ڪن. اهو سلسلو هاڻي ناممڪن ٿي ويوآهي. ڇاڪاڻ ته مشڪلات جي باوجود، هنن سندس حڪومت  جو  هٿ جهلي هلايو ان جي باوجود هن جي بي انداز  غلطين هنن جي ڪئي  ڌري تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.ڳالهه ان حد تائين پهتي ته اهي نعرا جيڪي ڪنهن زماني ۾ جابلو سلسلن تي ڪي ماڻهون دل جي باهه ڪڍڻ لاءِ  سخت خوف جي حالت ۾ لڳايندا هئا اهي نعرا  ملڪ جي سمورن صوبن جي روڊن رستن تي، بارز ۾ کليل نموني لڳڻ لڳا آهن. هاڻي انهن جي  غير جانبدار ٿيڻ سان  ماحول تيزي سان بهتر ٿي رهيو آهي. وري هنن کي مداخلت جي دعوت ڏيڻ فيڊرشن جي بقا جي ضامن آئين کي پائمال ڪرڻ آهي.جنهن جي سزا مقررڪيل آهي. ان تي عمل ڪرڻ پارليامينٽ جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. جيتريقدر عمران خان جي مطالبي جو تعلق آهي ته کيس پنهنجي لاءِ صحيح ميدان چونڊڻ گهرجي. سياسي قيادت کان نئين چونڊ جو مطالبو ڪري سگهجي ٿو. کيس کپي ته هو درست هنڌ جي چونڊ ڪندي پارليامينٽ ۾ اهو آواز بلند ڪري، ڇو ته اتي ئي اها گهرج پوري ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ڪنهن ٻئي کان مطالبو ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته عمران خان ملڪ جي سياسي نظام کان بي خبر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.