ميچوئر جمهوريت گهرجي، عزت جو رستو اهو آهي ته باغي ميمبر استعيفيٰ ڏئي گهر وڃن:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ملڪ کي ميچور جمهوريت ڏانهن وٺي وڃڻو پوندو ۽ ميچور جمهوريت لاءِ ضروري آه ته قانون ساز مقصد جوڳي گفتگو ڪن. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قومي مفاد ۽ ان لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ ووٽ کي نه ڳڻڻ گهرجي، عدالت جو ڪم سڀني آئيني سوالن جو جواب ڏيڻ آهي، ڄاڻڻ چاهينداسين ته آرٽيڪل 63 اي تي راءِ ڪهڙي حد تائين ڏئي ٿا سگهون، ڇا عدالت ريفرنس ۾ پڇيل سوالن جي لفظن جي قيدي آهي يا ان کان هٽي تشريح ڪري سگهي ٿي؟جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ملڪ کي ميچوئر جمهوريت ڏانهن وٺي وڃڻو پوندو ۽ ميچور جمهوريت لاءِ ضروري آهي ته قانون ساز مقصد جوڳي گفتگو ڪن. ان موقعي تي جسٽس جمال خان مندوخيل پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر کي چيو ته سياسي جماعتن کي تڪليف آهي ته ان ڪينسر جو علاج پاڻ ڪيو، رڳو هڪ سياسي جماعت باغي ميمبرن خلاف آهي، اسان جي سامهون جماعتن جي اڪثريت توهان جي موقف خلاف آهي، توهان ڪهڙي اميد ٿا ڪيو ته اسان اڪثريت ڇڏي توهان جي ڳالهه مڃينداسين؟  پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته قومي مفاد ۽ ان لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ ووٽ  نه ڳڻڻ گهرجي.  جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڊڪليئريشن جي غير موجودگي ۾ ووٽ نه ڳڻڻ گهرجي؟ جيڪڏهن ووٽ نه ڳڻيو وڃي ته معني ڏوهه ئي ناهي ٿيو، ووٽ نه وجهڻ جي بندش ناهي لڳائي وئي. جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته عزت جو رستو اهو ئي آهي ته باغي اسيمبلي ميمبر استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي عيد کانپوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.