اي اين پي جو هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي ڪابينا جو حصو بڻجڻ کان انڪار

اسلام آباد(م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي ڪابينا جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اي اين پي قيادت سان رابطو ڪري ڪابينا جو حصو بڻجڻ جي درخواستڪئي، جنهن تي اي اين پي ڪابينا جو حصو بڻجڻ کان معذرت ڪئي، ذريعن موجب وزيراعظم اي اين پي کي هڪ وزارت ڏيڻ جي به آڇ ڪئي، ذريعن موجب اي اين پي مواصلات واري وزارت گهري هئي پر اها مولانا اسعد محمود جي پٽ کي ڏني وئي، جنهن تي اي اين پي ناراضي جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.