سياسي ميدان خالي نه ڇڏينداسين: جي ڊي اي

ڪراچي (رپورٽر)گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ پير صاحب پاڳاري واضع ھدايت ڪئي آھي ته سياسي ميدان خالي نه ڇڏينداسين مڪاني چونڊون ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين،صوبائي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلبي لاءِ آيا آھيون ڪھڙي قانون تحت چونڊون ڪرايون پيون وڃن،ڇاڪاڻ  ته سپريم ڪورٽ جا واضع حڪم ھئا ته بلدياتي قانون ۾ ترميمون ڪري آئين سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ شقون ختم ڪرڻ کانپوء چونڊون ڪرايون وڃن ،اھڙن خيالن جو اظھار صوبائي اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ،ان موقعي تي جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته ڪجھه ھفتا اڳ سنڌ حڪومت چيو ھو ته اسان بلدياتي چونڊون نٿا ڪرائي سگھون ته پوءِ اوچتو اعلان ڪئين ڪيو ويو،پيپلزپارٽي نون اتحادين سان گڏجي بلدياتي ادارن تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿي،اسان اتحادين سان گڏجي جدوجھد ڪنداسين،جي ڊي اي عمران کي اڪيلو ناھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.