ملڪ جو حشر ڪرڻ تي عمران خان کي عبرت جو نشانو بڻائڻ گهرجي: نواز شريف

لنڊن(م ڊ) مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف چيو آهي ته سچ هميشه سامهون اچي ويندو آهي، اڃا 5 يا 10 سيڪڙو سچ سامهون آيو آهي، اڃا به وڌيڪ سچ سامهون ايندو، لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريفچيو ته اسحاق ڊار وڏي  محنت ڪري ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريون پر عمران خان ان معيشيت کي زمين ۾ دٻائي ڇڏيو، ان شخص اليڪشن کان اڳ ڪوڙ ڳالهايو، بعڳد ۾ به ڪوڙا واعدا ڪيا ، رياست مدينا جي نالي تي ظلم ۽ زيادتي ڪئي، ،ملڪ جو اهڙو حشر ڪيو جو ان کي عبرت جو نشانو بڻائڻ گهرجي، نواز شريف چيو ته هي نه آئين کي مڃي ٿو، نه وري قانون کي، نه وري پارليامينٽ کي مڃڻ وارو آهي، سندس خلاف قانوني طريقي سان بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي ڀلا اها ته مڃي وٺي، نواز شريف چيو ته آئون ان وقت تائين وڙهندس جيستائين جمهوريت ۽ نظريي جي آخري فتح نه ٿي ٿئي، نواز شريف چيو ته جيڪڏهن هن غلطي ڪئي آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس جو نتيجو سندس خلاف اچڻ گهرجي، پر هن اڳواٽ ئي ميمبرن کان استعيفائون ڏياري ڇڏيون ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن فيصلو سندس خلاف اچي ٿو ته سندس سڄي پارٽي تي بين لڳي وڃي ها. نواز شريف وڌيڪ چيو ته اهو ماڻهو ڪهڙي مٽي مان ٺهيو آهي؟ سندس پرورش ڪٿي ٿي آهي، ڪير آهي اهو شخص؟ انهن سوالن جي حوالي سان قوم کي ضرور سوچڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.