شرجيل ميمڻ،سڌ سماءُ جو وزير ٿي ويو،حلف به کڻي ورتو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ کي ڪابينا ۾ شامل ڪري ورتو.ڪالهه جمعي ڏينهن گورنر هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي موجودگي ۾ وقتي گورنر آغا سراج دراني نئين صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي عهدي جو حلف کڻايو. حلف برداري تقريب ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ان کان اڳ سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه کي ڊي نوٽيفاءِ ڪندي سندس جاءِ تي شرجيل انعام ميمڻ کي مقرر ڪيو. نئين صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي اطلاعات کاتي جو قلمدان ڏنو ويو آهي جيڪو ان کان پهرئين سعيد غني وٽ هو. وزارتن جي ورڇ کان پوءِ سعيد غني وٽ ليبر ۽ هيومن ريسورس جو قلمدان برقرار رهندو جڏهن ته شرجيل انعام ميمڻ اطلاعات وارو وزير هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.