بيحسي جي انتها، قيامت کي منهن ڏيندڙ باهه متاثرن جو سامان پوليس کڻي وئي!!

ميھڙ/ فريد آباد / دادو (رپورٽ: فراز چنا+ معشوق چانڊيو + عزيز ملڪ) بي حسي جون سموريون حدون پار ٿي ويون، گذريل رات ميهڙ جي علائقي فريد آباد جي ڳوٺ فيض محمد باهه متاثرين لاءِ آيل راشن جون ٽي ٽرڪون پوليس متاثرين بدران پوليس اهلڪارن پاڻ ۾ ورهاست ڪئي، علائقي واسين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون جنهن جي وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي پيو ته راشن جون ٽرڪون متاثرين کي ڏيڻ لاءِ پروٽوڪول ۾ موجود ريپڊ ريسپانس فورس جي پوليس موبائيل ۾ راشن ڀريل هئي ۽ ان سان گڏ اهلڪار موٽر سائيڪلن تي راشن جا بيگ کڻي وڃي رهيا هئا، امدادي سامان پوليس اهلڪارن ۾ ورهاست واري خبر جو ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون نوٽيس ورتو، ايس ايس پي دادو متاثرين جي امدادي سامان کڻندڙ اسپيشل ٽاسڪ فورس جي 7 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايس ايڇ او فريد آباد ۽ وڏي منڇي کي به شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا، ايس ايس پي دادو پاران انسپيڪٽر نظير ملاح کي جاچ آفيسر مقرر ڪندي 48 ڪلاڪن ۾ شفاف جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، معطل ٿيلن ۾ اي ايس آءِ اسماعيل سومرو، پوليس اهلڪار پرويز، ڪاشف، محمد حسين، اسد علي ڪفيل علي، ڊرائيور وحيد علي شامل آهن، ايس ايڇ او فريد آباد اختر لاشاري ۽ وڏي منشي کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا، ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته باهه متاثرين جي امدادي سامان کڻي ويندڙ پوليس اهلڪارن انتهائي شرمناڪ حرڪت ڪئي آهي، سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، انڪوائري بعد ملوث پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي، ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ باهه واقعي سبب 9 معصوم ٻارڙا سڙي فوت ٿيا هئا، سنڌ سرڪار سان گڏ سماجي تنظيمن پاران متاثرين کي راشن امداد طور فراهم ڪيو پيو وڃي.

واقعو اتفاقي يا شرپسندي؟ جاچ ٽيم پاران ڳوٺاڻن جا بيان قلمبند

ميهڙ: ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ باهه ڪيئن لڳي، باھ واقعو اتفاقي هو يا شر پسندي؟ ڊي آءِ جي حيدرآباد سيد پير محمد شاهه جوڙيل ٽيم جي چيئرمين ايس ايس پي دادو جي حڪم تي جاچ ٽيم ۾ شامل ڊي ايس پي جوھي بشير احمد کونھارو، انسپيڪٽر اي سيڪشن دادو اشفاق منگي، ايس ايڇ او جوهي نور مصطفيٰ پٺاڻ تي مشتمل ڪاميٽي جي ميمبرن وومين پوليس سان گڏ جي باهه متاثر ڳوٺ پھچي باھ لڳڻ واري واقعي بابت ڳوٺ جي مختلف مردن، عورتن کان بيان ورتا، جانچ ٽيم واقعي بابت سمورن رخن کان جانچ ڪرڻ بعد رپورٽ ايس ايس پي دادو وٽ پيش ڪندي جنهن بعد ايس ايس پي دادو پاران رپورٽ ڊي آءِ جي حيدر آباد آڏو پيش ڪئي ويندي.

افسوس! فائر برگيڊ جون گاڏيون وڏيرن جي اوطاق تي ڇڻڪار ۾ مصروف آهن: پ پ ش ڀ اڳواڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ وڌندڙ باهه جي واقعن ۽ فريد آباد ۾ 9 ٻارڙن جي سڙي فوت ٿيڻ واري واقعي تي پ پ شهيد ڀٽو سنڌ جي چيف آرگنائيزر محمد علي مير جت، آرگنائيزر صلاح الدين چاچڙ، ڊاڪٽر عبدالرئوف مغيري، لالا شفقت پٺاڻ، عبيدالله ناريجو، امداد ڊومڪي، مير وسيم عالماڻي ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڳوٺ فيص محمد چانڊيو واقعي تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، سنڌ ۾ فائر برگيڊ جو گاڏيون وڏيرن جي اوطاق تي ڇڻڪار ڪرڻ ۾ مصروف آهن جنهن سبب اهڙي قسم جا واقعا جنم وٺي رهيا آهن.

 

انتظامي نااهلي ۽ غفلت، ڪارروائي لاءِ درخواست، ڊي سي سميت ڪامورا دادو عدالت طلب

دادو: فريد آباد ۾ ڪامورن جي نا اهلي ۽ غفلت سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي دادو جي وڪيل عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، دادو جي سينئر وڪيل پير غلام محمد عرف پير هني انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو ذميوار ڪامورن کي قرار ڏيندي سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ورتي آهي، جنهن ۾ فائربرگيڊ خراب هجڻ ۽ بجيٽ ڪامورا کائي وڃڻ تي اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين، ڊپٽي ڊائريڪٽر، سرڪل آفيسر، ڊي سي دادو، ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪاميٽيز ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ دادو کي ڌر بڻايو ويو آهي، سيشن جج دادو پٽيشن منظور ڪندي ڪيس ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ٽرائيل ڪورٽ نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ منتقل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ٽرائيل ڪورٽ 26 اپريل تي مٿين ڄاڻايل ڪامورن کي طلب ڪري نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، وڪيل پاران 22 اي ۽ بي جي درخواست داخل ڪرائيندي مٿين ڪامورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي عدالت کان التجا ڪئي آهي، وڪيل پاران اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڊي سي دادو ميڊيا تي ڪوڙ ڳالهايو ته دادو کان فريد آباد تائين 6 ڪلاڪ جو سفر هجڻ سبب فائربرگيڊ گاڏي دير سان پهتي، درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته فائربرگيڊ عملو پگهارون کڻي رهيو آهي فائربرگيڊ جو تيل ڪاغذي ڪاروائي ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو، ميونسپل ڪاميٽين ۾ ڪامورا ايڏي وڏي ڪرپشن ڪري رهيا آهن، اينٽي ڪرپشن جو ادارو آخر ڇو ڪارروائي نه ٿو ڪري.

  • ڳوٺاڻن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي:  ڊي سي دادو سميع الله نثار شيخ جا آسرا

ميھڙ: ڊي سي دادو سميع الله نثار شيخ چيو آهي ته فيض محمد چانڊيو ۾ بحالي وارو ڪم شروع ڪيو آهي سروي ۽ ٻيون ٽيمون پهتيون آهن، وڌيڪ به ٽيمون پهچي ڪم شروع ڪنديون، ڳوٺاڻن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

اتيرا اتحاد پاڪستان پاران 60 ڳوٺاڻن کي پنج پنج هزار روپيا امداد طور ڏنا

ميهڙ: اتيرا اتحاد پاڪستان پاران ملڪ حبيب، علي باسط اتيرو، مير امام بخش اتيرو جي اڳواڻي ۾ ميهڙ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو پهچي باه متاثرين سان يڪجهتي ڪئي، جتي هنن باه متاثرين جي مالي مدد ڪندي 60 ڳوٺاڻن کي پنج پنج هزار روپيا امداد طور ڏنا، ان موقعي تي هنن چيو ته هي افسوسناڪ واقعو آهي، انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، سرڪار توڙي سرندي وارا اڳتي اچن، متاثر ڳوٺاڻن جي واهر ڪري کين گهر ٺهرائي ڏنا وڃن.

ضلعي انتظاميا طرفان هڪ ڪئمپ قائم، متاثرن جي بحالي وارو ڪم شروع نه ٿيو

ميهڙ : ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ باهه متاثرين پاران بحالي وارو ڪم شروع ناهي ٿي سگهيو صرف ضلعي انتظاميا طرفان هڪ ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته سماجي تنظيمن پاران باهه متاثرين جي سهائتا وارو سلسلو ۽ تعزيتن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته باهه واقعي کان پوءِ سرڪاري طور لاڙڪاڻي ضلعي مان گهرايل صرف فائر برگيڊ بيٺل آهن.

متاثر اڄ به ڪلھن تي پاڻي کڻي گهرن جي باھ وسائين ٿا!!

ميهڙ: انتظاميه 5 ڏينهن گذرڻ باوجود به ڳوٺ فيض محمد درياڻي ۾ لڳل باهه مڪمل طور وسائڻ ۾ ناڪام رھي، سڙي ويل گھرن مان اڃا به دونهون نڪري رهيا آهن، متاثر پاڻي ڪلھن تي کڻي گهرن جي باھ وسائي، ان ۽ سامان بچائڻ ۾ پورا رھيا، باھ وسائڻ لاءِ آيل فائربرگيڊ ۽ ريسڪيو عملو واپس ٿي ويو، باهه متاثر عورتون ٻار سخت گرمي سبب گرم ٽينٽ ڇڏي سڙيل جاين ۽ وڻن جي ڇانو وٺي وقت گذارڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن، متاثر عورتن، مردن ۽ ٻارڙن پاران پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ مڪمل طور سھائتا نه ٿيڻ خلاف دانھون ڪندا رھيا،

سوا ڪلاڪ جي سفر ۾ 6 ڪلاڪ لڳڻ بابت ڊي سي جي بيان تي حيرانگي!

ميهڙ: باهه متاثر ڳوٺاڻن دادو کان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو جو مفاصلو 6 ڪلاڪ هجڻ بابت ڊي سي دادو جي ان ڳالهه کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته دادو کان ڳوٺ فيض محمد 80 ڪلو ميٽر آهي، جيڪو ڪار ذريعي ڪلاڪ کان سوا ڪلاڪ ٿيندو پر خبر ناهي ته ڊي سي دادو بيل گاڏي يا گڏهه گاڏي استعمال ڪندو آهي ڇا؟ ڳوٺاڻن چيو ته ڊي سي جي ان ڪوڙ جي انڪوائري ڪرڻ کپي، هن انتظامي نااهلي بابت اڳ به ڪوڙ ڳالهايا آهن.

  • باهه متاثرن سرڪاري امداد کي ناڪافي قرار ڏئي ڇڏيو

ميهڙ: باهه متاثرين پاران وزير اعلي سيد مراد علي شاهه پاران امداد طور ڏنل 5 لک رپين تي ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته افسوس جو گهر سڙي ويا مال سڙي ويو، ٽريڪٽر سڙي ويا، انجڻيون سڙي ويون پر معاوضو صرف پنج لک روپيا ڏنو ويو، جنهن تي حيرانگي آهي، هنن چيو ته متاثرين جي نقصان موجب سهائتا ڪئي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.