اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪارروائي لائيو هلائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله عدالتي ڪارروائي جي لائيو اسٽريمنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ چيف جسٽس اطهر من الله جي ڪورٽ ۾ لائيو اسٽريمنگ جي لاءِ سسٽم لڳايو ويو آهي. ٽرائل جي طور تي اڄ کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي ڪارروائي محدود پيماني تي ڏيکاري ويندي، ٽرائل جي ڪاميابي کان پوءِ ويب سائيٽ تي ڪوبه ماڻهو لائيو عدالتي ڪارروائي ڏسي سگهندو، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لائيو اسٽريمنگ تي هاءِ ڪورٽ جي رپورٽرز کان تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن کي مدد جي هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.