ڪورنگي ۾ ڪارروائي،10 دستي بم ۽ 8 ڊيٽونيٽر هٿ

ڪورنگي (رپورٽ:امير جان چانڊيو) ڪورنگي ۾پوليس ڪامياب ڪارروائي دوران دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.سعود آباد پوليس موجب لياقت ڪالوني مارڪيٽ مان تخريبڪاري جو سامان هٿ ڪيو ويو.پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي بي ڊي ايس ٽيم سميت پوليس جي وڏي نفري لياقت مارڪيٽ کي ڪڙو چاڙهي ٿانون جي دڪان جي ڇت تان 10 دستي بم ۽ 8 ڊيٽونيٽر هٿ ڪيا. سعودآباد پوليس ٻڌايو ته بارودي مواد هٿ اچڻ بعد وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.