ٽنڊوالھيار جي اڳوڻي ايس ايڇ او پاران ناري سان گڏجي نوجوان کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

ٽنڊوالھيار (رپورٽ : حسرت لغاري) ھفتو اڳ نصرپور تاجپور لنڪ روڊ تي علي رضا آرائين ولد محمد لطيف جي قتل ڪيس جو راز پڌرو ٿي ويو، مقتول جي سئوٽ تمثيل آرائين ۽ سنڌ پوليس انسپيڪٽر  اڳوڻي ايس ايڇ او اسد کچي ۽ ٻن ٻين ساٿين سان گڏجي علي رضا کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهيم ان حوالي سان ايس ايس پي ٽنڊوالھيار فاروق بجاراڻي ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪري تفصيل ٻڌايا، ايس ايس پي مطابق 14 اپريل تي نصرپور تاج پور لنڪ روڊ لڳ باغ مان اڻڄاتل شخص جو لاش مليو ھو جنھن جي بعد ۾ سڃاڻپ علي رضا پٽ محمد لطيف آرائين طور ٿي، جيڪو ٽنڊو باگو جو رهواسي هو، پوليس بي سيڪشن ٿاڻي تي اڻڄاتل ماڻھن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري جانچ ڊي ايس پي سٽي عبدالقادر ميمڻ حوالي ڪئي، جنھن ۾ سي آءِ اي انچارج محمد ياسين ٽڳڙ، سب انسپيڪٽر حماد الله آخوند ۽ اي ايس آءِ الھوسايو نھڙي کي شامل ڪري جانچ شروع ڪئي وئي، مختلف رخن کان جانچ ۾ مقتول جي سئوٽ تمسيل عرف زوبي کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته اهم انڪشاف سامهون آيا، تمسيل ٻڌايو ته سندس سئوٽ مقتول علي رضا کيس جنسي طرح ھراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ ھن اھا ڳالھه پنھنجي دوست پوليس انسپيڪٽر اسد کچي کي ٻڌائي جنھن سان گڏجي علي رضا کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو، ايس ايس پي مطابق تمسيل ٻڌايو ته 14 اپريل جي ڏينھن  علي رضا کي ٽنڊو ڄام گھرايو ويو ۽ آئون به ڪوچ ذريعي ٽنڊو ڄام پھتس جتي انسپيڪٽر اسد کچي اڇي رنگ جي ڪورولا ڪار ۾ موجود ھو جنھن مون کي پاڻ سان گڏ ڪار ۾ ويھاريو ۽ ھن ٻن ٻين نقاب پوش ماڻھن کي ٽنڊوڄام يونيورسٽي وٽان ڪار ۾ ويھاريو ۽ اسين سڀ ٽول پلازه حيدرآباد ميرپورخاص ڏانھن روانا ٿياسين، جيئن ئي مقتول علي رضا ٽول پلازہ وٽان لنگھيو ته سندس پويان لڳاسين ۽ ٽنڊو ڄام جي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ڀر سان علي رضا جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن کي ڪار ۾ موجود ٻن ڄڻن کيس زبردستي ڪار ۾ وڌو، بعد ۾ مونکي ھڪ ٻي شخص ذريعي حيدرآباد موڪليو ويو، رات 8 وڳي اسد کچي مونکي فليٽ مان ھيٺ لھي اچڻ لاءِ چيو، مون جڏھن کانئس علي رضا بابت معلوم ڪيو ته ھن ٻڌايو ته کيس قتل ڪري آيا آھيون، ايس ايس پي فاروق بجاراڻي وڌيڪ ٻڌايو ته انسپيڪٽر اسد کچي جي گرفتاري لاءِ مختلف ٽيمون جوڙيون ويون آھن ۽ کيس جلد ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.