گڏاپ ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

گڏاپ (ن ع آ)ڪراچي نور محمد ڳوٺ ۾ ڦر مزاحمت دوارن  قتل ٿي ويل محرم برفت جا قاتل چار ڏيھن گزرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگھيا، پوليس خاموش تماشائي بڻيل، وارثن جو پوليس جي نااھلي خلاف احتجاجي مظاھرو، اعلي اختيارن کان قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو، ڪراچي سائيڊ سپر ھاء وي ٿاڻي جي حد نور محمد ڳوٺ ۾ چار ڏيھن اڳ ڦر مزاحمت تي قتل ٿي ويل پورھيت محرم علي برفت جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا، مقتول جي وارثن محمد برفت، نبي بخش برفت، منور برفت، ڌڻي بخش برفت، رمضان برفت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس جي نااھلي خلاف ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي وارثن جو چوڻ ھو ته ايس ايڇ او سائيڊ سپر ھاء وي راڻا حسيب ٻن ڏيھن ۾ نوجوان جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏياريو ھيو پر مسلسل چار ڏيھن گزري ويا آھن پر پوليس مقتول جا قاتل گرفتار ناھي ڪري سگھي، پوليس کي سڀ ڪجھ خبر ھجڻ باوجود ھن مھل تائين قاتلن جو سراخ ناھي لڳائي سگھي، پوليس صرف قبضا مافيا جي سرپرستي ۾ پوري آھي، ھتي نئون ھر ايس ايڇ او پنھنجي ڪارگردگي بھتر ڏيکارڻ لاء ڪاروائيون ڪندو آھي ان کانپوء عوام کي چورن ۽ ڦورون جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو آھي، ھنن سپريم ڪورٽ، سنڌ ھاء ڪورٽ، آء جي سنڌ، ايڊيشنل آء جي، ايس ايس پي اوڀر کان ناحق قتل ٿيل محرم برفت جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.