ڪوٽڙي ويجهو نئين ٺهندڙ اسڪول عمارت ۾ ناقص مٽيريل، احتجاج

ڪوٽڙي (ن ع آ)ڪوٽڙي جي عيسيٰ دل ڳوٺ  ۾  پرائمري اسڪول جي نئين بلڊنگ جي تعمارتي ڪم ۾ ٿيل ڪرپشن خلاف علائقي واسين ۽ اسڪولي شاگردن جو ٺيڪيدار ۽ انجنئير خلاف علي خان بڙدي ۽ عبدالحميد چنا جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ،  احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھيو تہ ڪروڙين رپين جي بجٽ سان تعمير ٿيندڙ عمارت پراڻن بنيادن تي تعمير ڪئي پئي وڃي جنھن سبب عمارت ڪيڏي مھل بہ ڪري سگھي ٿي تعيراتي ڪم ۾ ناقص مٽيرئيل پڻ استعمال ٿي رھيو آھي ٺيڪيدار ۽ انجنئير جي ملي ڀڳت ڪري تعميراتي ڪم ۾ ڪرپشن ڪري رھيا آھن بلڊنگ جو نقشو پڻ غلط آھي ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي تہ  نوٽيس وٺي اسڪول جي بھتر تعمير ڪرائي وڃي جئين غريبن جا ٻار بھتر تعليم حصل ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.